عدالتون غير محفوظ ڇو: دادو ضلعي جي وڪيلن ٻڌڻين جوبائيڪاٽ ڪري ڇڏيو

مَي 27, 2023

ميهڙ ( ن پ  و) ميهڙ جي عدالتي احاطي ۾ ٽن ڄڻن جي قتل واري واقعي کانپوءِ وڪيلن عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو، عدالتن جي سڪيورٽي لاءِ انتظام ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو ويو

ميھڙ بار جي سڏ تي عدالتي ڪارواين جو بائڪاٽ ڪيو ويو جنهن سبب ڪيسن جون ٻڌڻيون  نه ٿي سگهيون

هي به پڙهندا

بار جي اڳواڻن نجيب مھيسر، ،رضوان حيدر تنيو، ،سعيد پنھور ۽ ٻين جو چوڻ آھي  ته ميھڙ بار جي سڏ تي دادو ضلعي ۾ عدالتي ڪاروايون معطل آھن

ھنن جو چوڻ هو ته ميھڙ واقعي جي جاچ ڪرائي عدالتن ۾ دروازن تي پوليس اھلڪار مقرر ڪري واڪ ٿرو گيٽ لڳائڻ سان گڏ  حفاظتي انتظام بهتر ڪيا وڃن

Leave A Comment