عدالتي حڪم نظر انداز: سنڌ ۾ گٽڪي جا 950 ڪارخانا سياستدانن ۽ پوليس آفيسرن جي مدد سان هلڻ جو انڪشاف
مَي 16, 2023
ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ گٽڪو ۽ مائو وڪڻندڙن ۽ وڪرو ڪندڙن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن گٽڪو ۽ مائو وڪرو ڪرڻ ۾ سياسي ۽ حڪومتي شخصيتون ملوث هجڻ جو انڪساف ٿيو آهي ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار اسپيشل برانچ جي اهم رپورٽ منظر عام تي آڻي ڇڏي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سڄي سنڌ ۾ 950 گٽڪي ۽ ماوي جا دڪان پوليس جي سرپرستي ۾ ھلندڙ آھن ڪراچي ۾ گٽڪي ۽ ماوي جا 151 ڪارخانا موجود ھئڻ جو انڪشاف پڻ ٿيو آهي. رپورٽ موجب گٽڪي ۽ ماوي جون 41 فيڪٽريون پوليس جي سرپرستي هيٺ ھلندڙ آهن، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪراچي شهر ۾ 733 گٽڪو وڪرو ڪندڙ آهن، 103 ڄڻن کي پوليس جي مدد حاصل آهي، حيدرآباد ۾ 523 گٽڪي ۽ ماوي جا ڪارخانا آهن، جن مان 74 پوليس جي سرپرستي هيٺ آهن رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته رپورٽ منظر عام تي اچڻ کانپوءِ آءِ جي سنڌ جي ٽاسڪ فورس به ڪجهه نه ڪري سگهي آهي ٽاسڪ فورس جي مختلف ڪاررواين ۾ ڪمزور پوليس اسٽيشنز ۽ اهلڪارن کي تبديل ڪيو ويو آهي، ٻڌايو ويو آهي ته بليڪ ڪمپنين کان بچڻ لاءِ ڪجهه ايس ايڇ اوز جي سرپرستي هيٺ هلندڙ فيڪٽرين تي مصنوعي آپريشن ڪيو ويو، ذريعن موجب گٽڪو ۽ مائو وڪرو ڪرڻ ۾ سياسي ۽ حڪومتي شخصيتون ملوث آهن.