عدالتي حڪم: هاري اڳواڻ منظور لغاري جي اغوا جو ڪيس داخل
مَي 17, 2023
سنجهورو (ن پ ا ) 21 ڏينهن اڳ سنجهوري ويجهو ڳوٺ جعفر خان لغاري مان هاري حقن لاء جدوجهد ڪندڙ ھاري اڳواڻ منظور لغاري کي مبينا کنڀي گم ڪرڻ واري واقعي بابت اغوا جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي عدالت جي حڪم تي هاري اڳواڻ منظور لغاري جي ڀاء جي فرياد تي سنجهوري ٿاڻي ۾ 4 نامعلوم ماڻھن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته منظور لغاري هاري حقن لاء سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيس جو فريادي آھي جنهن کي 27 اپريل تي اڇي رنگ جي ڪرولا ڪار ۾ 4 نامعلوم هٿياربند زوري اغوا ڪري ويا هن کان اڳ هاري اڳواڻ منظور لغاري جي مبينا کنڀي گم ڪرڻ واري واقعي کي سنجهورو پوليس ڊرامو قرار ڏئي ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو هوڏانهن منظور لغاري کي مبينا کنڀي گم ڪرڻ واري واقعي خلاف لاڳيتو بک هڙتال ۽ مختلف شھرن ۾ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو هلندڙ آھي