اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين بئرسٽر گوهر خان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي گذريل ڏينهن واري فيصلي مان مطمئن ناهيون، فيصلي تي اسان جا خدشا موجود آهن
ميڊيا سان ڳالهائيندي بئرسٽر گوهر خان چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا پر اسان اِن فيصلي تي مطمئين ناهيون، تحريڪ انصاف اليڪشن جو بائيڪاٽ نه ڪندي، سپريم ڪورٽ کان استدعا ڪريون ٿا ته اسان جي درخواستن کي به ٻڌو وڃي
هن چيو ته اسان جي استدعا آهي ته ڊي آر اوز ۽ آر اوز فري اينڊ فيئر اليڪشن ڪرائين، پر جن ڊي سيز ايم پي اوز جي ايم پي اوز جا آرڊر ڪيا آهن اُهي ڪيئن اليڪشن صاف ۽ شفاف ڪرائيندا، سپريم ڪورٽ عمير نيازي کي هڪ نوٽيس جاري ڪيو آهي، توهين عدالت جا نوٽيس جاري ٿيندا ته ڪير به صاف شفاف اليڪشن جي لاءِ عدالت نه ويندو
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان جو ٽرائل جيل ۾ ڪرايو پيو وڃي ته جئين دٻاءُ وڌي ۽ سمجهوتو ٿئي پر باني تحريڪ انصاف سمجهوتو نه ڪندو، صاف شفاف اليڪشن ڪرائڻا لاءِ سمورا رٽرننگ آفيسر عداليه مان هجڻ گهرجن
هڪ سوال جي جواب ۾ چيئرمين تحريڪ انصاف جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ ڪڏهن به اليڪشن دير جي ڪوشش ناهي ڪئي تحريڪ انصاف نٿي چاهي ته جمهوريت ڊي ريل ٿئي ۽ هر پارٽي کي عدالت آڏو پنهنجا خدشا رکڻ جو حق حاصل آهي