عدالتي فيصلي تي عمل: ڊاڪٽر شاهنواز ڪيس سيشن ڪورٽ منتقلي درخواست تان جوابدار ڌر هٿ کڻي وئي

عدالتي فيصلي تي عمل: ڊاڪٽر شاهنواز ڪيس سيشن ڪورٽ منتقلي درخواست تان جوابدار ڌر هٿ کڻي وئي

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميرپورخاص پوليس جي ڪسٽڊيءَ ۾ مارجي ويل عمرڪوٽ واسي ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي قتل وارو ڪيس دھشتگردي ٽوڙ عدالت بدران سيشن ڪورٽ ڏانھن منتقل  ڪرڻ واري سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ ۾ داخل ڪيل درخواست تان درخواستگ ذار ڌر ھٿ کڻي وئي. ان ڏس  ۾ ڪالهه سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ ۾ ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻيءَ بعد عدالت ٻاھران ڳالھائيندي ڊاڪٽر شاھنواز قتل ڪيس جي وڪيل مير احمد مڱريو چيو تھ ڊاڪٽر شاھنواز قتل ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل ٻن درخواست گذارن سنڌڙي ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايچ او نياز احمد کوسو ۽ اڳوڻي سي آءِ اي انچارج عنايت زرداري اي ٽي سي ڪورٽ ۾ موقف اختيار ڪيو ھو تھ ھي ڪيس دھشتگردي ٽوڙ عدالت بدران سيشن ڪورٽ ۾ ھلڻ جوڳو آھي، جتان عدالت سڳوري فيصلو ڏنو تھ ڄاڻايل ڪيس اي ٽي سي ڪورٽ ۾ ھلڻ جوڳو آھي ۽ ان فيصلي کي درخواست گذارن سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ ميرپورخاص ۾چيلينج ڪيو ھو. ايڊووڪيٽ مير احمد مڱريو چيو تھ ھاءِ ڪورٽ ۾ ان ڏس ۾ دليل ٻڌا ويا ھئا، اڄ ٻيھر درخواست گذار ڌر کي پنھنجا دليل ڏيڻ جو موقعو ڏنو ويو ھو پر ھو بعد ۾ پنھنجي ڪيس تان ھٿ کڻي ويا.