آزاد ٿيل نوجوان کي قاضي احمد پوليس ٻيهر کنڀي وئي، تشدد، وڊيو وائرل

جُولاءِ 13, 2023

قاضي احمد (رپورٽ: الهرکيو سيال) قاضي احمد پوليس جي 5 اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرائي موٽندڙ نوجوان مٿان اهلڪارن جو تشدد، زال ۽ معصوم پٽ دانهون ڪندا رهيا، پوليس اهلڪار نوجوان کي زوري کڻي ويا

ڳوٺ ٺارو لاشاري واسي نوجوان غلام شبير لاشاري عدالتي ڇاپي ۾ 2 ڏينهن اڳ ئي آزاد ٿيو هو ۽ عدالتي حڪم تي هن ناحق باندي بڻائيندڙ 5 اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو

نوجوان ڪيس داخل ڪرائي پنهنجي زال ۽ پٽ سان گڏ واپس وڃي رهيو هو ته رستي ۾ پوليس اهلڪارن کيس روڪي ورتو

پوليس اهلڪارن نوجوان مٿان تشدد ڪندا رهيا جنهن دوران سندس زال ۽ پٽ دانهون ڪندا رهيا اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي به وائرل ٿي وئي آهي

پوليس اهلڪار نوجوان غلام شبير لاشاري کي تشدد ڪندا پوليس موبائل ۾ وجهي کڻي ويا، غلام شبير جي آزادي لاءِ سندس زال ۽ ٻيا وارث عدالت پهچي ويا آهن

غلام شبير جي گهرواري دانهيندي چيو آهي ته منهنجي مڙس کي آزاد ڪرايو وڃي، خدشو آهي ته منهنجي مڙس کي ماري ڇڏيندا، اسان سان انصاف ڪيو وڃي

واضح رهي ته با اثر جي چرچ تي پوليس غلام شبير لاشاري کي اڍائي مهينا اڳ گرفتار ڪيو هو، جنهن کي عدالتي ڇاپو هڻي ٻه ڏينهن اڳ ئي آزاد ڪرايو ويو هو، جنهن بعد عدالتي حڪم تي سندس گهرواري شاهده جي فرياد تي ايس آءِ پي مولابخش چانڊيو، اي ايس آءِ ڪريم بخش لاکو مٿان ناحق باندي بڻائڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو

ساڳئي معاملي ۾ عدالتي حڪم تي نصرالله لاشاري جي فرياد تي هڪ ٻيو ڪيس ايس آءِ پي مولابخش چانڊيو، اهلڪار خدا ڏنو اوٺو، ممتاز لاکو، رسول بخش ڪنڀر ۽ ٻين اهلڪارن خلاف داخل ڪيو ويو

غلام شبير ڪيس داخل ڪرائي پنهنجي گهرواري ۽ پٽ سان گڏ ڪار ۾ واپس اچي رهيو هو ته جوڻا موري وٽ قاضي احمد پوليس جي اهلڪارن روڪي ٻيهر گرفتار ڪيو

گرفتاري دوران نوجوان دانهون ڪندي چيو ته مون کي ناحق گرفتار ڪيو ويو هو جنهن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ تي ٻيهر گرفتار ڪيو پيو وڃي، مون سان ظلم ٿي رهيو آهي، پوليس خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ ڏوهه بڻجي ويو آهي، مون سان انصاف ڪيو وڃي

Leave A Comment