عدالت انصاف نه ڪيو ته پير کي پاڻ ڦاهو ڏينديس: فاطمه جي امڙ

آگسٽ 21, 2023

راڻيپور (رپورٽر) نينگري فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس جي فريادي سندس ماءُ شبنم ڦرڙو چيو آهي ته عدالت انصاف نه ڪيو ته پير کان پاڻ ڦاهو ڏينديس

عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو ته مان پِيرن کي ڪڏهن به ڌيءُ جو خون معاف نه ڪنديس، منهنجي نياڻيءَ سان انصاف ڪيو وڃي، منهنجي نياڻي فاطمه سان ظلم ڪيو ويو آهي، مان ڪنهن به صورت ۾ ڪيس تان هٿ نه کڻنديس شبنم ڦرڙو چيو ته سنڌ گڏ آهي، مان ڪيس تان هٿ کڻي سنڌ ۽ اجرڪ جو ساٿ نه ڇڏينديس

هن چيو ته مان انصاف لاءِ هتي ڪورٽ ۾ آئي آهيان مونکي اميد آھي ته عدالت انصاف ڏيندي، مان ڪنهن جي ڌمڪين ۾ نه اينديس

شبنم ڦرڙو چيو ته پوليس پنهنجي ڪاروائي ڪري رهي آھي، انصاف جي اميد آهي، اسد شاھه ظلم ڪيو آھي، ان جا حامي ۽ سهولتڪار  گرفتار ڪيا وڃن

Leave A Comment