عدالت انڌي ناهي، لاپتا ماڻهن جو ازالو ايجنسين کي ڪرڻو آهي، ڪابينا پڇاڻو ڪري: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

جنوري 31, 2025

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مسنگ پرسنز جي بازيابيءَ واري ڪيس ۾ مسنگ پرسن ڪاميٽي کي ناڪام قرار ڏئي ڇڏيو. ايندڙ ٻڌڻي تي اٽارني جنرل منصور اعواڻ کي معاونت لاءِ طلب ڪري ورتو. عدالت رمارڪس ڏنا ته ايڊيشنل اٽارني جنرل صاحب ذهن ۾ رکو ته هن ماملي تي ذميوار هي ماڻهو هوندا. عدالت مسنگ پرسن ڪميشن کي عدالت ۾ طلب ڪرڻ جو اشارو به ڏئي ڇڏيو. لاپتا ماڻهن متعلق ڪيسن جي ٻڌڻي جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس طارق محمود جهانگيري ۽ جسٽس ارباب محمد طاهر تي مشتمل لارجر بينچ ڪئي. جسٽس محسن اختر ڪياني پڇاڻو ڪيو ته بينچ جي اڪثريتي آرڊر تي عمل ٿي ويو آهي؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته مسنگ پرسن جو معاملو وفاقي حڪومت سامهون رکيو ويو آهي. وفاقي ڪابينا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڊائريڪشن تي سب ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي. جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ڏنا ته ان ماملي ۾ منهنجو موقف هيو ته ڳجهي ايجنسين، ڪاميٽي ميمبرن کي اِن ڪئمرا بريفنگ جي لاءِ طلب ڪيو ويندو. منهنجي ساٿي ججز جو موقف هيو ته پهريان وفاقي حڪومت کي هڪ موقعو ڏيڻ گهرجي. جبري گمشدگي انڪوائري ڪميشن جو سربراهه انتقال ڪري ويو آهي. ڪميشن جيڪڏهن ڪم نه ڪندي ته منهنجو خيال آهي ته ان کي بند ٿيڻ گهرجي. ڪابينا جي سب ڪاميٽي ۾ ڳجهن ادان کي شامل ئي ناهي ڪيو ويو. منهنجي ساٿي ججز جو موقف هيو ته وفاقي ڪابينا ڳجهين ايجنسي کي گهرائي پاڻ پڇا ڪندي اهي سڀ وزير دفاع ۽ گهرو وزارت ڪري سگهي ٿي جيڪي اسان جي آڏو موجود ناهن. ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو سب ڪاميٽي بلوچستان ۾ وڃي لاڳاپيل اختيارين ۽ مسنگ پرسنز جي فيملي سان ملاقاتون ڪيون آهن. ڪاميٽي جي ميٽنگ ۾ ڪيل فيصلن جي بنياد تي جبري گمشده ماڻهن جي ڪميشن جي چيئرمين کي تبديل ڪيو ويو. جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته اهو سموريون رپورٽس ۽ ڊائرڪيشن هن عدالت جي لاءِ غير لاڳاپيل آهن. مسنگ پرسنز جي فيملي کي جواب ڏيڻ حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو ڪم آهي اسان هن ڪيس جي 25 هين ٻڌڻي ڪري رهيا آهيون. پر ڪيس اُتي ئي موجود آهي جِتي شروع ٿيو هيو. اسان جي ته اها ڪوشش آهي ته هي مسنگ پرسنز وارو سلسلو ئي ختم ٿي وڃي هي انساني حقن جي خلاف ورزي جو ڪيس آهي. ان سان ٻين ملڪن تي پاڪستان جو خراب تاثر ويندو آهي. جبري گمشده ماڻهن جي فيملي جي ڳوڙهن جو ازالو قانون لاڳو ڪندڙ ايجنسين کي ئي ڪرڻو آهي جيڪڏهن ڪو گم ٿيل شخص دهشتگرد آهي ته اهو به لا اينڊ انفورسمينٽ ايجنسي کي ئي ٻڌائڻو آهي. فتنه الخوارج جي خلاف روزانو جي بنياد تي آپريشن ڪيا پيا وڃن جيڪڏهن ڪو لاپتا شخص دهشتگردانه حملي ۾ مري ويو آهي ته ان جو ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي لاءِ ڪو مڪينزم ته هجي. ڪابينا جي سب ڪاميٽي ۽ انٽيلجنس آفيسن تي ٻڌل ڪاميٽي مسنگ پرسنز جي فيملي کي گهرائي ٻڌي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو زنده ناهي ته ان جي فيملي کي معاوضو ڏنو وڃي. اوهان ڪاميٽي ٺاهي وزيرن کي شامل ڪري ڇڏيو. اهي ماڻهن کي جوابده آهن. منهنجو واضع موقف آهي ته جيڪي دهشتگرد آهن اُن کي دهشتگرد چوندس. پر جيڪي دهشتگرد ناهن پوءِ انهن کي آزاد به ڪرڻو پوندو. منهنجي ساٿي ججز هي معاملو وفاقي حڪومت کي موڪليو. مان انهن جي عقلمندي کي ساراهيان ٿو. انٽيلجنس ايجنسين کي به قانون تحت اختيار ڏيو. سي ٽي ڊي کي قانون ۾ تحفظ حاصل آهي ته آءِ ايس آءِ، آءِ بي، آءِ ايم آءِ ۽ آءِ بي کي ڇو ناهي؟ جڏهن انهن ادارن وٽ اختيار هوندو ته پوءِ مسنگ پرسنز وارو مسئلو ئي حل ٿي ويندو. اوهان کي هر 15 ڏينهن ۾ اسان کي پنهنجي ڪارڪردگي رپورٽ ڏيڻي آهي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي اٽارني جنرل منصور اعواڻ کي معاونت جي لاءِ طلب ڪري ورتو ۽ ريمارڪس ڏانا ته ٿي سگهي ٿو اسان ڪاميٽي کي عدالت ۾ گهرايون ۽ ڪاميٽي اچي اسان کي بريفنگ ڏي. عدالت ايتري به انڌي ناهي ۽ نه ئي ان کي انڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

 

Leave A Comment