عدالت عمران خان کي آزاد ڪندي ته حمايت ڪندس: بلاول

جُون 10, 2025

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن عدالت پي ٽي آءِ بانيءَ کي آزاد ڪري ته مان ان جي حمايت ڪندس، اهڙو اظهار هن برطانوي ٽي ويءَ کي انٽرويو ڏيندي ڪيو.

بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن عدالت پي ٽي آءِ بانيءَ  کي آزاد ڪري ته مان ان جي حمايت ڪندس، پي ٽي آءِ بانيءَ جي آزاديءَ تي  اسان کي ڪو اعتراض نه هوندو

هلندڙ ڪيسن مان ضمانت ملڻ پي ٽي آءِ بانيءَ جو حق آهي، مان سندس حمايت ڪندس، پاڪستان ۾ هر ڪيس جو هڪ قانوني طريقيڪار آهي ۽ باني پي ٽي آءِ خلاف هلندڙ ڪيس به ان عمل جو حصو آهي

لاڳاپيل پوسٽون

  • ايران جو اسرائيل تي ڏهون وڏو حملو

  • ايران جو صبح سوير اسرائيل تي وڏو حملو ، 100 کان وڌيڪ ميزائل فائر، 14 اسرائيلي مارجي ويا ۽ 380 زخمي ٿيا

  • ساڍا 4 سئو پاڪستاني وطن واپس

  • ايران جو وڏو جواب، اسرائيل مٿان 50 ميزائل فائر