| عدالت مذاق ۾ ڏنل طلاق به درست قرار ڏئي ڇڏي |
لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ مڙس پاران پنهنجي زال کي مذاق ۾ ڏنل طلاق کي درست قرار ڏنو آهي. جسٽس انور حسين طلاق ڪيس ۾ 13 صفحن تي مشتمل تفصيلي فيصلو جاري ڪيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن مڙس طلاق جو يو سي کي اطلاع نه ٿو ڏئي ته زال پاڻ يونين ڪائونسل کي اطلاع ڏئي سگهي ٿي، عورت کي سندس ازدواجي حيثيت بابت غيريقيني صورتحال ۾ نه ٿو رکي سگهجي. عدالت يونين ڪائونسل جي طلاق جي صحيح هجڻ جي سرٽيفڪيٽ کي برقرار رکيو ۽ حڪومت کي طلاق جي قانون ۾ ترميم تي غور ڪرڻ جي سفارش ڪئي. عدالت اهو به حڪم ڏنو ته فيصلي جي ڪاپي هدايت لاءِ پنجاب جي سڀني فيملي ڪورٽن ڏانهن موڪلي وڃي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته مڙس طلاق جي عمل کي روڪڻ لاءِ پنهنجي قانوني غلطي جو فائدو وٺي نٿو سگهي، فيملي ڪورٽ طلاق جو تعين ڪرڻ کان انڪار نٿي ڪري سگهي.