عددي اڪثريت يا بندوق جي زور تي ڪئنال ڪڍيا ويا ته فيڊريشن کي نقصان ٿيندو: زين شاهه
اپريل 27, 2025
قمبر/ڪنڌڪوٽ (نمائنند وٽان) ڪنڌڪوٽ ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف انڊس هاءِ وي گولا موڙ وٽ ڌرڻو جاري رکيو ويو، ڌرڻي ۾ سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي، ڌرڻي سبب وڏي انگ ۾ پنجاب جي علائقن طرف ويندڙ گاڏين جون قطارون لڳل رهيون، گاڏين ۾ پيل سامان خراب ٿي ويو، ڌرڻي ۾ سيد زين شاهه، روشن ٻرڙو ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي، سيد زين شاهه چيو ته وطن تي ڏکيو وقت آهي، جن سودو ڪيو انهن کي هاڻي خبر پئجي ويندي، ته ڪئين ٿو ملڪ هلي، سنڌ ۽بلوچستان جو ٺيڪو کڻي حڪومتون وٺي زرداري وسيلا وڪڻي آيو آهي، .اسان نئين ڪينالن خلاف آهيون انهن کي رد ڪري نوٽيفڪيشن سامهون آندو وڃي،زمينن تان والار ختم ڪئي وڃي، وڪرو ڪيون آهن اهي وفاق کان واپس ڪرايا وڃن ان بعد ئي ڌرڻا ختم ڪيا ويندا.سيد زين شاه جو چوڻ هو ته اوهان جا جعلي جيڪي اسيمبليون ٺهيل آهن انهن کي اسان نه ٿا مڃون سيد زين شاه چيو ته اسان کان جبري طور ظلم ڪيو پيو وڃي اسان تي حڪومت بندوقن ذريعي سنڌ مان زوري پاڻي کنيو ته اسان جي لاشن تي اهي ڪئنال ٺهندا،سنڌ جي ماڻهن فيصلو ڪيو آهي ته اسان کي حڪمرانن جا فيصلا منظور ناهن،اسان قانون هٿ ۾ ناهي کنيو اسين ايترن ڏينهن کان پرامن آهيون، اسان کي پرامن رهڻ ڏنو وڃي. نوٽيفڪيشن سامهون آندو وڃي.اسين قانون هٿ ۾ کڻي سگهون ٿا ان جو ذميوار پ پ هوندي.سنڌ ۾ بلوچستان جهڙي صورتحال پيدا نه ڪيو، نفرتون نه ڦهلايون وڃن. هن چيو ته تڪراري ڪئنالن واري منصوبي جو نوٽيفڪيشن واپس ورتو وڃي. ٻي طرف قمبر ۾ جلسي کي خطاب ڪندي سيد زين شاھ چيو ته پاڪستان گهڻ قومي ملڪ آهي، فيڊريشن ۾ آئيني ضمانت ذريعي صوبا مستحڪم هوندا آهن، پر هن ملڪ ۾ جبري فيصلا ٿيڻ ٿا جنهن ڪري ملڪ عدم استحڪام جو شڪار آهي، 1991جي معاعدي جي ڀڃڪڙي ڪري نوان ڪئنال ٺاهيا پيا وڃن، سنڌ جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي، سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي، پوءِ به وفاقي حڪومت ڪئنالن وارو فيصلو واپس وٺڻ لاءِ تيار نه آهي، جلسي کي رياض چانڊيو، مسرور جتوئي، سيد لعل شاھ، مظفر بروهي، صفدر عباسي، ڪاشف سعيد عباسي، شبير جتوئي، معظم عباسي، حليم عادل شيخ، معظم عباسي، محسن علي قاضي، محمد علي هڪڙو، گل انقلابي، سيد رياض شاھ، ۽ ٻين خطاب ڪيو.