عدليه، پارليامينٽ ۽ ايگزيڪيٽو ڊهي چڪا، رياست جا ستون رهيا ئي ناهن، اها هاڻي هوا ۾ آهي: جسٽس محسن ڪياني
فيبروري 12, 2025
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته رياست جا ستون ته هاڻي رهيا ئي ناهن. رياست ته هاڻي هوا ۾ آهي. عدليه، پارليمينٽ ۽ ايگزيڪيٽوَ سڀ منهمند ٿي چڪا آهن. عدالت دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو. چيئرمين ايف پي ايس سي، سي ايس ايس 2024ع جا نتيجا هلندڙ سال اپريل ۾ جاري ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نئون امتحان روڪڻ واري دخواست تي دليلن بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو. ٻڌڻي دوران جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا ته پاڪستان ۾ رهڻ هڪ مستقل جهيڙو آهي. پاڪستانين جي هي ڳالهه سٺي آهي ته هو سسٽم سان وڙهندا آهن 24، 25 ڪروڙ آبادي مان وڌيڪ وڙهندا آهن ۽ گهٽ ئي بچندا آهن مان نا اميد ناهيان. انهن ئي نوجوانن کي ملڪ سنڀالڻو آهي. ايف پي ايس سي کي سي ايس ايس 2024ع جا نتيجا جاري ڪرڻ کان پهريان نوان امتحان روڪڻ جي درخواست تي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني ڪئي. ٻڌڻي دوران چيئرمين ايف پي ايس سي ليفٽيننٽ جنرل ريٽائرڊ اختر نواز ستي عدالت کي چيو ته 9 آڪٽوبر 2024ع تي چارج ورتي آهي. جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا ته اهو ٻڌايو ته اوهان کي معاملو موڪليو ويو ته اوهان پنهنجي اينگل سان ان کي ڏسو. 3761 اميدوار آهن. جيڪي 2024ع جي امتحانن ۾ به شريڪ هئا. هاڻي 2025ع جي امتحانن ۾ به آهن. چيئرمين ايف پي ايس سي چيو ته مون کي پنج منٽ ڏيو. مان ايف پي ايس سي جو موقف پيش ڪرڻ چاهيان ٿو. عدالت درخواست گذارن کي ايف پي ايس سي وٽ موڪليو. اسان درخواست گذارن جي درخواست رد ڪئي. ڇو ته 2025ع جي امتحانن بعد به درخواست گذارن وٽ موقعا ختم نه ٿيندا. هڪ درخواست گذار پهريان ئي سمورا چانسز ختم ڪري چڪو آهي اهو متاثر ئي ناهي. امتحانن جي نتيجن جو انتظار ڪندڙ اڪثر ڪري رپيٽ ڪري رهيا آهن. 88 هال ملڪ اندر بڪ ڪيا ويا آهن. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته جيڪڏهن ان امتحانن کي موخر ڪيو وڃي ٿو ته ان سان سيڪريسي جا به مسئلا پيدا ٿيندا. عدالت چيو ته ان طرح ته پوءِ اوهان 2025ع ۾ به نتيجا نه ڏيندا. 2026ع ۾ به نه ڏيو. جيڪڏهن اوهان هڪ هفتي کان پهريان به نتيجن جو اعلان ڪيو هجي ها ته اڄ هي درخواست گذار اسان وٽ نه اچن ها. درخواست گذار جي وڪيل چيو ته رياست کي حقن جو تحفظ ڪرڻو آهي. جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا ته رياست جا ستون ته هاڻي رهيا ئي ناهن. رياست ته هاڻي هوا ۾ آهي. عدليه، پارلمينٽ ۽ ايگزيڪيٽوَ سڀ منهمند ٿي چڪا آهن. عدالت دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو.