عدليه انصاف ڏئي رهي آهي پر حڪومت مونکي ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي: پرويز الاهي

سيپٽمبر 19, 2023

لاهور(پنهنجي ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي صدر پرويز  الاهي چيو آهي ته عدليه انصاف ڏئي رهي آهي پر حڪومت مونکي ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي

لاهور ۾ عدالت آڏو پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز الاهي چيو ته نگران حڪومت پي ڊي ايم جو تسلسل آهي، ڪابينا ۾ سمورا ماڻهو نواز ليگ جي پسند جا آهن

سندس چوڻ هو ته عدليه انصاف ڏئي رهي آهي، پر هي ماڻهو مون کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهن، عدليه ۽ فوج تي اعتماد آهي، ٻئي ادارا ملڪي سلامتي جا ضامن آهي

 پي ٽي آءِ جي صدر  چيو ته هاڻوڪين حالتن جو ذميوار نواز شريف ڪُٽنب آهي، آءِ ايم ايف سان ظالماڻي معاهدي جي سزا عوام ڀوڳي رهيو آهي، نواز شريف ڏيهه واپس آيو ته کيس مايوسي پلئه پوندي

Leave A Comment