عدليه تي اعتماد ختم، چونڊون تڪراري ٿي چڪيون، پي ٽي آءِجو پلان سي جلد سامهون ايندو: عمران خان
جنوري 17, 2024
اسلام آباد (م ڊ) باني پي ٽي آءِ عمران خان چيو آهي ته عدليه تي منهنجو اعتماد ختم ٿي چڪو آهي، چونڊون تڪراري ٿي چڪيون آهن دنيا ڪيئن انهن چونڊن کي تسليم ڪندي، پي ٽي آءِ جو پلان سي تيار آهي جيڪو تمام جلد اوهان سامهون ايندو، ملڪ کي شفاف چونڊن جي ضرورت آهي، سياسي استحڪام هوندو ته ملڪ ۾ استحڪام ايندو، جهڙي نموني جون چونڊون ٿي رهيون آهن ان سان استحڪام نه ايندو، اسان اهو چئي چئي ٿڪجي پيا آهيون ته 9مئي جي آزاداڻي جاچ ڪرائي وڃي، اسان فوج خلاف ڪڏهن به ڪجهه ناهي ڳالهايو، اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران عمران وڌيڪ چيو ته منهنجو يا منهنجي گهرواري جو ڪنهن سان به ڪنهن قسم جو رابطو ناهي، اليڪشن ڪميشن ميمبرن کي نه ڪا ڌمڪي ڏني نه وري انهن کي سڃاڻان ٿو، جنرل باجوا پٺي ۾ ڇرو هنيو آهي.