عدليه مخالف سوشل ميڊيا مهم روڪڻ لاءِ جي آءِ ٽي ڪم شروع ڪري ڇڏيو: ايڪشن پلان تيار

جنوري 19, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عدليه مخالف نفرت انگيز مواد روڪڻ لاءِ جي آءِ ٽي  اجلاس ٿيو، جي آءِ ٽي جو اجلاس ايف آءِ اي هيڊڪوارٽر اسلام آباد ۾ ٿيو. جنهن جي صدارت جي آءِ ٽي جي سربراهه ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ اي ڪئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ سوشل ميڊيا تي عدليه کي بدنام ڪرڻ وارن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو، حساس ادارن جي آفيسرن جي آءِ ٽي سربراهه کي ايڪشن پلان جمع ڪرايو. نفرت وارو مواد پکيڙڻ وارن جي معلومات گڏ ڪرڻ لاءِ پي ٽي اي کي هدايت ڪئي وئي. مواد اپلوڊ ڪندڙن، شيئر ۽ ڪمينٽس ڪندڙن جا سڀ تفصيل حاصل ڪرڻ لاءِ ھدايتون جاري ڪيون ويون.

Leave A Comment