عذرا پيچوهو ، سعيد غني، سردار مهر سنڌي ۾ قسم نه کنيو : فريال ٿاٻڙجي پئي

فيبروري 24, 2024

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي مختلف ضلعن مان چونڊجي آيل ايم پي ايز سردار محمد بخش مهر، سردار خان چانڊيو، سعيد غني، عذرا پيچوهو  ۽  ٻين ميمبرن سنڌي بجاءِ انگريزي ۽ اردو ۾ حلف کنيو

 قمبر مان چونڊيل سردار خان چانڊيو انگريزي ۾ حلف ته کنيو پر انگريزي لفظن کي صحيح نموني اُچاري  نه سگھيو

ٻئي طرف پ پ ايم پي اي فريال ٽالپر اسپيڪر ڊائيس کان موٽندي ٿاٻڙجي پئي! جڏهن ميمبر صحيح ڪرڻ لاءِ اسپيڪر ڊائيس ڏانهن وڃي رهيا هئا ته انهي دوران فريال ٽالپر صحيح ڪرڻ بعد اسپيڪر ڊائيس تان واپسي تي  ٿاٻڙجي پئي، اسيمبلي عملي پهچي کيس ڪرڻ کان بچائي ورتو

ان کان اڳ اسيمبلي ميمبرن کي اسپيڪر آغا سراج دراني حلف کڻائي رهيو هو ته تيمور ٽالپر به حلف کڻي ورتو، انهي باوجود اويس قادر شاھ مائيڪ تي ڳالهائيندي چيو ته تيمور ٽالپر اڃا تائين حلف ناهي کنيو

 جنهن تي تيمور ٽالپر ۽ مڪيش ڪمار چاولا پاران اسپيڪر کي وضاحت ڏني وئي ته هُن حلف کڻي ورتو آهي

Leave A Comment