عراقي ويڙهاڪن آمريڪا تي حملن جو دائرو وڌائي ڇڏيو

عراقي ويڙهاڪن آمريڪا تي حملن جو دائرو وڌائي ڇڏيو

بغداد (م ڊ) عراقي ويڙهاڪن آمريڪي اڏن تي حملن جو دائرو وڌائي ڇڏيو. ايراني ميڊيا موجب عراقي ويڙهاڪن طرفان ڪويت، اردن ۽ شام ۾ آمريڪي اڏن کي نشانو بڻايو پيو وڃي. ڪتائب حزب الله عراق جي سيڪريٽري جنرل ابو حسين الحميداوي جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي سڀني لاءِ هوندي يا ڪنهن لاءِ به نه هوندي، جيڪڏهن هرمز کي طاقت ذريعي کولڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته تيل ۽ گئس ناپيد ٿي ويندا. هن چيو ته آيت الله خامنه اي جي شهادت تي معافي ممڪن ناهي.