| عراقچي کي ايٽمي معاملن تي ڳالهين جو مينڊيٽ ناهي: ابراهيم عزيزي |
تهران (م ڊ) ايران جي قومي سلامتي ڪاميٽي جي سربراهه ابراهيم عزيزي چيو آهي ته ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي کي پاڪستان جي دوري دوران ايٽمي ڳالهين جي ڪا به ذميواري نه ڏني وئي آهي. گذريل رات تهران ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ابراهيم عزيزي چيو ته پرڏيهي وزير اسلام آباد ۾ صرف ٻه طرفن لاڳاپن تي ڳالهائڻ لاءِ ويو. هن چيو ته ايٽمي سرگرمين سان لاڳاپيل ڳالهيون ايران جي ريڊ لائين آهن. اهو ياد رکڻ گهرجي ته آمريڪا مطالبو ڪيو آهي ته ايران هڪ آخري امن معاهدي جي حصي طور پنهنجي ايٽمي پروگرام کي ختم ڪري.