| عراق ۾ ٻئي ڏينهن به ايران نواز مليشيا تي حملا، 7 مارجي ويا |
بغداد (م ڊ) عراق جي صوبي مغربي انبار ۾ هڪ فوجي طبي مرڪز ايران نواز فوجي مليِشيا پي ايم ايف سان تعلق رکندڙ اڏي تي هوائي حملي ۾ 7 عراقي فوجي مارجي ويا ۽ 13 زخمي ٿيا. جڏھن تھ وزيراعظم پي ايم ايف جي حمايت ڪئي آھي. عراق جي بچاءُ وزارت چيو ته حملو صبح جو 9 وڳي ٿيو جنھن ۾ هڪ فوجي ڪلينڪ ۽ ويجهي انجنيئرنگ يونٽ کي نشانو بڻايو ويو. وزارت حملي کي طبي سهولتن ۽ اهلڪارن تي حملن کي بين الاقوامي قانونن ۽ ضابطن جي ظالماڻي ۽ سنگين خلاف ورزي قرار ڏيندي ان کي جنگ ۾ هڪ خطرناڪ واڌ قرار ڏنو ۽ ذميوارن کي جوابده قرار ڏنو. ٻئي طرف سيڪورٽي جي اجلاس بعد عراق جي وزيراعظم پي ايم ايف جي حمايت ڪندي انھن کي ملڪي سلامتي جو حصو قرار ڏنو.