عربي سمنڊ ۾ سامونڊي طوفان: سنڌ ۽ بلوچستان متاثر ٿيڻ جو خدشو

جُون 5, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) موسمياتي تجزياڪار عربي سمنڊ ۾ سامونڊي طوفان ٺهڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي،

 ان ڏس ۾ موسمياتي تجزياڪار جواد ميمڻ مطابق ته ڏکڻ عربي سمنڊ ۾ هوا جو گهٽ دٻاءُ ٺهي چڪو آهي جنهن سبب 10 کان 11 جون تي هوا جو گهٽ دٻاءُ شدت اختيار ڪري سائيڪلون بڻجي سگهي ٿو،

 تجزياڪار جو وڌيڪ چوڻ آهي ته هن طوفان سبب سنڌ، بلوچستان جي سامونڊي پٽي وارن علائقن، عمان ۽ گجرات کي امڪاني خطرو آهي،

 تجزياڪار مطابق سائيڪلون جو نالو بنگلاديش جو تجويز ڪيل لفظ “ باءِ پر جواءِ ” رکيو ويندو جنهن جي معنيٰ “ تباهي” آهي،

لاڳاپيل پوسٽون

  • پنو عاقل : حادثي دوران زخمي نينگري ايمبولنس نه ملڻ تي فوت

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت

  • خيرپور: ميرواهه ڪئنال مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار