عرب امارات پاڪستان جي مدد ڪندو، 20 کان 25 ارب ڊالرن جي معاهدن تي صحيحون

نومبر 28, 2023

ابو ضهبي (م ڊ) پاڪستان ۽ عرب امارتن وچ ۾ 20 کان 25 ارب ڊالرن جي معاهدن تي صحيحون  ٿيون آهن.ان ڏس ۾ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ گڏيل عرب امارتن جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ملاقات ڪئي آهي. ان موقعي تي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير به موجود هو. ٻنهي اڳواڻن چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن جا پراڻا ۽ گھرا لاڳاپا  آهن جيڪي هر آزمائش تي پورا لٿا آهن. وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ اقتصادي ۽ مالياتي شعبي ۾ گڏيل عرب امارتن پاران پاڪستان لاءِ ڀرپور سهڪار تي ٿورا مڃيا. گڏيل عرب امارتن ۾ 1.8 ملين پاڪستاني رهن ٿا، جيڪي ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ٻنهي اڳواڻن والاريل فلسطين ۾ انساني حقن جي بگڙجندڙ صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ بين الاقوامي قانون ۽ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن مطابق فلسطين مسئلي جي منصفاڻي ۽ جٽادار حل لاءِ پاڪستان جي حمايت جو يقين ڏياريو. وزيراعظم اٺاويهين ڪوپ ڪانفرنس لاءِ يو اَي اِي جي صدارت لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو وچن ورجايو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن وچ ۾ توانائي، پورٽ آپريشنز پروجيڪٽس، ويسٽ وارٽر ٽريٽمينٽ، فوڊ سڪيورٽي، لاجسٽڪس، معدنيات ۽ بينڪنگ اينڊ فنانشل سروسز جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي سهڪار بابت وڌيڪ يادداشتن تي صحيحن جو مشاهدو ڪيو. جنهن سان گڏيل عرب امارتن جي پاڪستان ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري جو رستو کلندو ۽ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) تحت مختلف قدمن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. بعد ۾ وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ قوم جي نالي پيغام جاري ڪندي 20 کان 25 ارب ڊالرن جي معاهدن تي قوم کي مبارڪون ڏنيون آهن. هن چيو ته گڏيل عرب امارتن سان اربين ڊالرن جا معاهدا ٿيا آهن. هن چيو ته اقتصادي شعبي ۾ يو اي جي سهڪار تي ٿورائتا آهيون.

Leave A Comment