عرب ملڪن جي شهري علائقن تي حملا ناهن ڪيا، جاچ ڪرايو: ايران

عرب ملڪن جي شهري علائقن تي حملا ناهن ڪيا، جاچ ڪرايو: ايران

تھران (م ڊ) ايران سعودي عرب، قطر، عرب امارات سميت پاڙيسري ملڪن جي شھري جاين تي حملن جو الزام رد ڪندي انھن حملن جي جاچ جي آڇ ڪئي آھي. ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي ٻيهر ورجايو آهي ته ايران وچ اوڀر ۾ شهري يا رهائشي علائقن کي نشانو نه بڻايو آهي تهران اهڙن حملن جي ذميواري جي جاچ لاءِ پنهنجن پاڙيسرين سان گڏ هڪ ڪاميٽي ٺاهڻ لاءِ تيار آهي. عراقچي جي ٽيليگرام چينل العربي الجديد ويب سائيٽ سان هڪ انٽرويو ۾ چيو ته تهران مختلف خليجي ملڪن سان رابطي ۾ آهي ۽ ڪنهن به اهڙي قدم جي آجيان ڪندو جيڪو ايران تي آمريڪا-اسرائيلي جنگ جي مڪمل خاتمي جي ضمانت ڏئي سگهي. ياد رھي تھ خليجي ملڪن ايران کان مطالبو ڪيو آهي ته هو سندن علائقن تي حملا بند ڪري.