عرب ملڪ هرمز تي گڏيل ڪنٽرول جا حامي، في لاڳو ڪرڻ جي تجويز پيش، ايران آمريڪا جون ڳالهين بابت تجويزون رد ڪري ڇڏيون

عرب ملڪ هرمز تي گڏيل ڪنٽرول جا حامي، في لاڳو ڪرڻ جي تجويز پيش، ايران آمريڪا جون ڳالهين بابت تجويزون رد ڪري ڇڏيون

تهران (م ڊ) ايران جي نائب پرڏيهي وزير ڪاظم غريب آبادي چيو آهي ته ايران ٽياڪڙن ذريعي ٿيندڙ ڳالهين ۾ آمريڪا جون تجويزون رد ڪري ڇڏيون آهن. هن چيو ته آمريڪا جي غير مناسب مطالبن سبب ايران اهو قدم کنيو. هن انڪشاف ڪيو ته ڳالهيون اسلام آباد ۾ شروع ٿيون هيون پر آمريڪا اهڙو منصوبو پيش ڪيو جنهن ۾ غير مناسب مطالبا شامل هئا، جنهن کي ايراني وفد واضح طور رد ڪري ڇڏيو. غريب آبادي چيو ته آمريڪا اعلان ڪيو هو ته جيڪڏهن منصوبو رد ڪيو ويو ته ڳالهين کي ناڪام سمجهيو ويندو ۽ آمريڪي وفد واپس هليو ويندو ۽ آخرڪار ائين ئي ٿيو. هن چيو ته ايراني وفد نه ته ڳالهين کي جاري رکڻ تي زور ڏنو ۽ نه ئي ڪا درخواست ڪئي، جيڪو ايران جي وقار واري سفارتڪاري جو مثال آهي. هرمز کاڙي بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ايران طرفان ان کي ٻيهر بند ڪرڻ کانپوءِ عمان ۾ به ڳالهيون ٿيون. عماني وفد تجويز ڏني ته جهازن جي اچ وڃ لاءِ ڏاکڻو رستو کليل رکيو وڃي پر ايران اها تجويز قبول نه ڪئي. غريب آبادي چيو ته ايران جي پاليسي واضح آهي ۽ هو اهڙيون تجويزون قبول نه ڪندو جيڪي سندس اصولن خلاف هجن. هن چيو ته هرمز کاڙي کي بند رکڻ واري پاليسي برقرار آهي، جيڪا ايران جي وقار واري سفارتڪاري جو ٻيو مثال آهي. ايران اعلان ڪيو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل سان جنگ دوران ملڪ جي گئس پيداوار جي صلاحيت ۾ گهٽتائي آئي آهي. ايراني حڪومت جي ترجمان فاطمه مهاجراني پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آمريڪا سان جنگ دوران ٿيندڙ حملن جي نتيجي ۾ ايران جي قدرتي گئس جي پيداوار جي صلاحيت ۾ روزانو لڳ ڀڳ 23 ڪروڙ (230 ملين) ڪيوبڪ ميٽر گهٽتائي آئي آهي. هوڏانهن عمان ايران کي هرمز جي انتظام لاءِ گڏيل علائقائي نظام قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي، جنهن تحت رضاڪاراڻي في وصول ڪئي ويندي. رپورٽن موجب عمان جي تجويز کي خطي جي ملڪن جي حمايت حاصل آهي. تجويز تحت ايران کي هن اهم سامونڊي رستي تي اڪيلو ڪنٽرول حاصل نه هوندو. هي تجويز ملاڪا کاڙي جي ماڊل تي ٻڌل آهي، جتي سامونڊي رستو استعمال ڪندڙ ملڪ ۽ ادارا رضاڪاراڻي طور في ادا ڪندا آهن، جنهن سان جهازن جي اچ وڃ، ماحولياتي تحفظ ۽ بچاءَ جي ڪمن جا خرچ پورا ڪيا ويندا آهن. ٻئي طرف ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي سعودي عرب ۽ عمان جي پرڏيهي وزيرن سان الڳ الڳ ٽيليفون تي رابطا ڪيا. ايراني خابرو اداري موجب عباس عراقچي عمان جي پرڏيهي وزير بدر البوسعيدي ۽ سعودي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان سان ڳالهين دوران ٻطرفن لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٽنهي سفارتي عملدارن خطي ۾ استحڪام ۽ گڏيل سفارتي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ تعاون مضبوط ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ڳالهين دوران آبناءِ هرمز ۾ پيدا ٿيل صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
 

واشنگٽن (م ڊ) اسرائيلي وزيراعظم بنجمن ياهو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائڻ يا گڏيل ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کانسواءِ هليو ويو. ملاقات سوا ڪلاڪ جاري رهي. ٻئي طرف صدر ٽرمپ صدر يوڪري جي صدر وولودومير زيلنسڪي سان به ملاقات ڪئي. وائيٽ هائوس جي پڌرائي موجب صدر ٽرمپ يوڪري صدر زيلنسڪي ۽ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان اوول آفيس ۾ ملاقاتون ڪيون. ٻئي ملاقاتون مثبت ۽  پيداواري هيون. ٻنهي ملاقاتن کان ميڊيا کي پري رکيو ويو.