تهران: ايراني عدليه پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته مظاهرن دوران گرفتار 26 ورهين جي جوابدار عرفان سلطاني کي ڦاهيءَ جي سزا نه ٻڌائي وئي آهي.
جسٽس (ر) شوڪت عزيز جي مان ۾ مانجهاندو: بار پاران شوڪاز
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جسٽس (ريٽائرڊ) شوڪت عزيز صديقي جي اعزاز ۾ ڊنر منعقد ڪرڻ تي نائب صدر سنڌ ملڪ خوشحال خان اعواڻ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جسٽس (ريٽائرڊ) شوڪت عزيز صديقي جي مان ۾ آجياڻو منقعد ڪرڻ تي هڪ ميمبر کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ بار پاران نائب صدر سنڌ ملڪ خوشحال اعواڻ کي جاري جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته 13 جنوريءَ تي جسٽس (رٽائرڊ) شوڪت عزز صديقي جي لاءِ ريفرنس منعقد ڪيو ويو ۽ دعوت وارن ڪارڊن ۾ سپريم ڪورٽ بار جو نالو ۽ لوگو استعمال ڪيو ويو، جڏهن ته اِن حوالي سان صدر يا سيڪريٽري کان ڪا به اڳواٽ منظوري حاصل نه ڪئي وئي. نوٽيس مطابق ڄاڻايل قدم بار ۽ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي بدنامي جو سبب ٿيو آهي، ۽ ايسوسيئيشن ڪنهن به سياسي سرگرمي سان سخت نفرت ڪري ٿي. شوڪاز ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اڳواٽ اجازت کان سواءِ اِن قسم جون تقريبون منعقد ڪرڻ مڪمل طور تي قاعدن ۽ ضابطن جي خلاف آهن. نوٽيس ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته نائب صدر ملڪ خوشحال خان اعواڻ ستن ڏينهن اندر پنهنجو موقف واضح ڪن، ٻي صورت ۾ مقرر ڪيل وقت ۾ تسلي بخش جواب نه ڏيڻ تي رڪنيت معطل ٿيڻ جو به امڪان آهي.
پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه برقرار : نوٽيفڪيشن جاري
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت تيل اگهن جي حوالي سان اعلان ڪري ڇڏيو. حڪومت طرفان ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت 23 رپيا 17 پيسا في ليٽر برقرار رهندي.اهڙي ريت ڊيزل جي قيمت 257 رپيا 8 پيسا في ليٽر برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ايمان مزاري ۽ هادي چٺا جي ضمانت رد: گرفتاري جو حڪم
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايڊشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اسلام آباد محمد افضل مجوڪا جي عدالت ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا خلاف تڪراري ٽوئيٽ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ٻڌڻي دوران ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي انهن کي گرفتار ڪري جوڊيشل لاڪ اپ ۾ رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت جوابدارن کي وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو به لاڳاپيل اختيارين کي حڪم ڏنو آهي.