| عرفان صديقي بيمار، گيلاني چيئرمين: حڪومت اپوزيشن جا ٻه ووٽ ٽوڙيا |
اسلام آباد: مسلم ليگ ن جي سينيٽ ۾ پارلياماني ليڊر عرفان صديقي جي ڳڻتي جوڳي حالت 27هين آئيني ترميم جي منظوري لاءِ به حڪومت لاءِ ڳڻتي جهڙي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي، عرفان صديقي جي عدم موجودگي ۽ سينٽ چيئرمين پاران اجلاس جي ڪاروائي هلائڻ سبب ووٽ نه ڏئي سگهڻ ڪري آئيني ترميم جي منظوري لاءِ گهربل ووٽن کان حڪومت جا 2 ووٽ گهٽ ٿي پيا، جن ٻن ووٽن کي حڪومت هڪ جي يو آءِ ۽ هڪ پي ٽي آءِ جي ميمبر کي ٽوڙي پورو ڪيو، آئيني ترميم جي منظوري لاءِ سينيٽ ۾ 64 ووٽ گهربل هئا، ترميم جي حق ۾ به پورا 64 ووٽ ئي پيا.