عزت لائق ناهي: ٽرمپ وينزويلا جي اپوزيشن اڳواڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي

عزت لائق ناهي: ٽرمپ وينزويلا جي اپوزيشن اڳواڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي

واشنگٽن: آمريڪا امن جو نوبل انعام ماڻيندڙ وينزويلا جي اڳواڻ ماريا ڪورينا ماچاڊو کي نظرانداز ڪندي چيو آهي ته کيس عوام جي حمايت حاصل نه آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ چيو ته وينزويلا جي مخالف ڌر جي اڳواڻ ماريا ڪورينا ماچادو سان نه ڳالهايو آهي. هن کي نه ته عوام جي حمايت حاصل آهي ۽ نه ئي هن کي عزت جي لائق سمجهيو ويندو آهي. ياد رهي ته ماريا ڪورينا ماچادو صدر مادورو جي اغوا جي حمايت ڪئي هئي ۽ کيس هٽائڻ کنپوءِ سياسي اڳواڻ ايڊمنڊو گونزاليز کي اقتدار حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو. هن 2024 جي صدارتي چونڊن ۾ گونزاليز جي حمايت ڪئي، ۽ سندس پارٽي پاران جاري ڪيل نتيجن موجب گونزاليز وڏي اڪثريت سان کٽي وئي.