عشق جو عالمي ڏينھن … اعجاز منگي

                 وينٽائن جي پس منظر واري ڪھاڻي جي تاريخي حقيقت مٿان ڪوئي اعتبار ڪري يا نه ڪري پر ”محبت جي عالمي ڏينھن“ تي مغرب جي انھن ماڻھن جون دليون به گٽار جي تارن وانگر وڄن ٿيون، جيڪي سال جا ٻارنھن ڪمن ڪارين ۾ مصروف رھن ٿا. انھن انسانن جي جيون جي جوڙ جھلڪ ان جاپاني شعر جھڙي ھوندي آھي، جنھن ۾ شاعر چيو آھي:

”آئون ته آھيان پرديسي پکي

مان ته پنھنجي ڳوٺ ۾ به سمھندو آھيان ڪنھن مسافر وانگر!!“

جيئن غربت جي گھاڻي ۾ پيڙجندڙ اوڀر جا مسڪين ماڻھو سمورو سال عيد جي ڏينھن جو انتظار ڪندا آھن. جيئن جيون جي اونداھين راتين ۾ رھندڙ پورب پاسي وسندڙ وجود ڏياريءَ جي ڏڻ جو انتظار ڪندا آھن. جيئن گرجا گھر ۾ وڄندڙ گھنڊ ٻڌي پاڻ مٿان ڪراس جو نشان ٺاھيندڙ انسان سال جي پوئين ۽ سرد مھيني ۾ گرم دل سان ڪرسمس جون ميڻ بتيون ٻاريندا آھن. تيئن اولهه جا ماڻھو وڏي وقت کان محبت جي ان ڏينھن جا منتظر رھندا آھن، جيڪو ھاڻي پوري ڌرتيءَ کي پنھنجي آغوش ۾ سمائڻ لڳو آھي. جڏھن ته اڳ ۾ اھو ڏينھن صرف انھن ڏيھن تائين محدود ھو، جيڪي گٽ مٽ ٻوليون ٻوليندا آھن. پر محبت ميڻ بتي ناھي، جيڪا صرف ھڪ تنھا دل جي دريءَ ۾ ٻرندي رھي. محبت ته اھو چنڊ آھي، جيڪو نڀ جي نيري ڍنڍ ۾ سون جي سمپا ٻيڙيءَ جيان ترندو رھندو آھي ۽ جنھن جو اسيئڙو انساني روح جو ھر ڪنارو ڪندو آھي.

ھيءَ ڪٿا صرف انھن مغربي ملڪن جي ناھي، جتي اولمپس جا موھيندڙ منظر ماڻھو جي من کي ملول ڪري ان مسرت سان آشنا ڪندا آھن پر اسان جي سابق ملڪ جي اھا سرزمين، جتي شام سانوري نار جيان چندرما جو تلڪ لڳائي ڪاسني ڪڪر جي ساڙھي پائي ھوڏ سان ھلندي آھي، اھا ڌرتي جيڪا اسان جي ملڪ وانگر سياسي بحرانن جي ڀنور ۾ ڦاٿل ڪا ڪشتي آھي، اھو ملڪ جتي ٽئگور جا بنگالي گيت پيار جا پڙاڏا بڻجي گونجندا آھن ۽ جنھن ملڪ ۾ گذريل ڏينھن چونڊون ھيون، ان بنگلاديش جا ماڻھو به محبت جا ائين متلاشي آھن، جيئن فوجي جنتا ھٿان جڪڙيل ان برما جا، جنھن جي آنگ سانگ سوچي ان گوتم ٻڌ جي گيان ۾ آتما جي وڃايل شانتي تلاش ڪري رھي آھي، جنھن پنھنجي گوتم پنھنجي پياري چيلي آنند کي چيو ھو ته ”محبت اھو مسافر آھي، جيڪو ٻه قدم پويان ھٽڻ ۾ ھوڏ محسوس نه ڪندو آھي“.

ھر محبت وفا جي وڻ کي وڪوڙي ويل ول نه ھوندي آھي پر ھر سال نئين محبت جو تجربو ڪندڙ دليون پوئين دوکي جي تلخي وسارڻ لاءِ نئين نينھن ۾ ڀڄڻ لاءِ احتياط جي ڇٽي اڇلي ڇڏينديون آھن. انسان ڪجھه پيٽ ۽ ڪجھه پيٽ جي ھيٺ ھجڻ باوجود به ڪجھه پيٽ ۽ ڪجھه پيٺ جي مٿان ھجڻ جي ڪوشش ڪندي پيڙا سھندو ۽ پورھيو ڪندو رھندو آھي. ھن جي دل ۾ چاھيو وڃڻ جي تمنا سدائين آر جي سنھي آواز وانگر وڄندي رھندي آھي.

انگريزي ٻوليءَ جو سندر ۽ سدا سائو گيت آھي:

Last Christmas I gave you my heart

But the very next day

You give it away

This year to save my tears

I give it someone special

يعني: پوئين ڪرسمس تي

مون توکي پنھنجي دل ڏني

پر تو ٻي ڏينھن منھن موڙي وئين

سو! ھن سال لڙڪ بچائڻ لاءِ

مون ڪنھن خاص ماڻھوءَ جي ارپي آھي!!

ويلنٽائن ڊي مغربي معاشرن ۾ وڇوڙن جا وڍ سھي وري نئين سر نينھن ڪرڻ جي ڪوشش جو نالو آھي. سنڌي شاعريءَ جا امر ٻول آھن:

”ھي ڦٽيل پير وري پنڌ ڪندا

تنھنجا سوڳنڌ ڪندا“

تيئن پروڪي سال جون ٽٽل دليون آسن ۽ اميدن جي رنگين ڌاڳن سان پاڻ کي ٻيھر ٻڌي ان محبت جو سعيو ڪن ٿيون، جنھن کان سواءِ انھن جو جيون اڌورو آھي.

محبت جي عالمي ڏينھن تي ان حوالي سان اعتراض به واريو ويندو ھو ته ”محبت لاءِ سال جو صرف ھڪ ڏينھن ڇو؟“ پر ان اعتراض کي اھو جواب به ڏئي سگھجي ٿو ته جيڪڏھن جيون جي ھڻ ھڻ ماڻھوءَ کي سمورو سال محبت کان محروم رکي ته گھٽ ۾ گھٽ ھڪ ڏينھن ان لاءِ به ھجڻ گھرجي، جنھن ڏينھن ڪنھن کي گلن جي خوشبوءِ ۾ محسوس ڪجي. جنھن ڏينھن ڪنھن کي چاڪليٽ جي ڪوڙي مٺي ذائقي سان چکجي. جنھن ڏينھن ڪنھن کي گيت ۾ گنگنائجي ۽ جنھن ڏينھن ڪنھن جي راھ بي سبب نھارجي.

ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور ۾ ڪاروڪاريءَ جي تھمت سبب قتل ٿي ويل سرداري نظام جي قيدي ناري تعليم جي زيور کان محروم ھجڻ سبب انھن انساني حقن جو مطالعو ڪري نه ٿي سگھي، جيڪي گڏيل قومن جي چارٽر ۾ تحرير ٿيل آھن پر ڪيوبا جي ڪنھن ساحلي شھر تي ديوار تي اسپينش ٻوليءَ ۾ اھو شعر ھڪ سياح ناري دل جي پوري اڪير سان پڙھي رھي آھي ته ”جنھن پيار ۾ ديوانگي ناھي، اھو پيار ئي ناھي“.

علاما اقبال مشرق جو عظيم مفڪر ھو پر ھو پوءِ به عشق آڏو علم جي انا جا سمورا بت ڀوري اھي لفظ لکيو ويو آھي ته:

”بي خطر ڪود پڙا آتش نمرود ۾ عشق

عقل ھي محو تماشائي لب و بام ابھي“

جيڪڏھن اقبال ڪانٽ ۽ نٽشي وانگر صرف فلسفي ھجي ھا ته ھوند اھڙيون سٽون سرجي نه سگھي ھا پر ھو فقط فلسفي نه ھو. ھو ھڪ شاعر به ھو.

۽ پونا وارو پوڙھو اوشو رجنيش چوندو ھو ته ”پيار جو روڳ لڳي وڃئہ ته ويڄن جو پنڌ نه پڇ! حڪيمن ۽ طبيبن وٽ ان مرض جو ڪو علاج ناھي. محبت جا ماھر صرف شاعر ٿيندا آھن“.

اھي شاعر جن کي دنيا ديوانو قرار ڏيندي آھي. اھي شاعر جيڪي معاشري ۾ مس فٽ محسوس ٿيندا آھن. جن مٿان طنزن ۽ طعنن جا تير وسايا ويندا آھن. جن کي سماج جو ناڪام حصو سمجھيو ويندو آھي. انھن جي انداز تي آخر ۾ تاريخ ناز ڪري ٿي.

يونان علم، عقل، سمجھہ، سوچ ۽ سائنس توڙي فلسفي جي زرخيز سرزمين رھي آھي. ھر فڪر ۽ ھر فھم جي جڙ ان جھوني تھذيب ۾ جڙيل آھي، جنھن جي ابتدا ۽ انتھا ان برٽينڊ رسل کي به سمجھہ ۾ نه آئي، جيڪو سراپا دماغ ھو. ھن کي سقراط کان وٺي ارسطو تائين يونان جي فلسفين سان اڪيچار اختلاف ھئا پر ھو پوءِ به ان افلاطون جي عقلي ھيبت کي پنھنجو ھيٽ لاھي سليوٽ ڪندو ھو، جنھن پنھنجي جڳ مشھور ڪتاب ”رعيتي راڄ“ ۾ خواب نگر جو تصور پيش ڪيو آھي. جنھن پنھنجي استاد سقراط کي مليل سزا جي ردعمل ۾ل کيو آھي ته ”يا بادشاھن کي فلسفي ھجڻ گھرجي يا فلسفين کي بادشاھ بڻائڻ گھرجي“. اھو افلاطون کي جنھن پنھنجي تصوراتي رياست شاعرن جو وجود قبول نه ھو. جنھن لکيو ھو ته ”شاعر جڏھن به اسان جي آئيڊيل رياست جي سرحد تي پھچن ته انھن کي گلن جا ھار پارائي واپس اماڻيو وڃي“. پر ھو جڏھن ھومر جو ذڪر ڪري ٿو، تڏھن جذبن جو جوش ھن جي ھوش مٿان غالب اچي وڃي ٿو.

قديم دور جي ھومر کان وٺي موجوده دور جي شاعرن تائين شاعري محبت جو اھو طويل گيت رھي آھي، جيڪو صدين جو سريلو سلسلو ھجڻ باوجود اڄ ڏينھن تائين اڌورو آھي. اھوئي سبب آھي ته لکين ۽ ڪروڙين لفظ لکڻ باوجود به محبت جو اھو افسانو مڪمل ٿي نه سگھيو آھي، جيڪو ھر دور جي دل کي نئين انداز سان ڌڙڪائي ٿو. پيار ۽ محبت جون ھن مھل تائين ھزارين وصفون بيان ڪيون ويون آھن پر پوءِ به اھو داستان تڪميل تائين پھچي نه سگھيو آھي. اھو داستان جيڪو دل جي دفتر تي ان وقت کان لکبو رھيو ھو، جڏھن اڃان انسان ھٿان ٻولي ايجاد نه ٿي ھئي.

يونان جا ديومالائي قصا سوچ ۽ سمجھہ جي حوالي سان ڪچي سون جون کاڻيون قرار ڏنا ويندا آھن. ھڪ يوناني ڏندڪٿا محبت کي مڪمل ٿيڻ جي اجھل آرزو سڏيو آھي. دنيا جي جن ڏاھن ۽ ڏات وارن کي يوناني ڏندڪٿائن جو ڪو اتو پتو نه ھو، انھن اھا ساڳي ڳالھه پنھنجي پنھنجي ٻوليءَ ۾ پنھنجي پنھنجي انداز ۾ ورجائي آھي. انھن جي سوچ به محبت کي تڪميل طرف وڌندڙ لوچ قرار ڏئي ٿي. انسان جي اھا تڪميل ھڪ ماڻھوءَ جي معرفت ٿئي يا ھن جي دل پوري ديس جي تمنا ڪري! ان سلسلي ۾ ھر دل جي صدا جدا آھي.

محبت فطرت جو اھو پکي آھي، جيڪو ساز جي تارن تان اڏامي دلين جي تلائن مٿان ھنجن جي صورت ترندو آھي.

محبت جي مسافر پکين کان سواءِ انسان جي دل ڪيتري نه اجاڙ ۽ تنھا ھجي ٿي!!

وينٽائن جو ڏينھن محبت اصولي طور تي محبت ماڻڻ ڏينھن ھجڻ گھرجي پر جيڪڏھن ان ڏينھن ماڻھوءَ جي مقدر ۾ محبت نه ھجي ته گھٽ ۾ گھٽ ان جي حسرت ته ھن جي ھيانوَ ۾ ھري!

مغرب جي معاشري ۾ ممڪن آھي ”محبت جي عالمي ڏينھن“ جو تصور ان سودائيءَ جي سوغات ھجي، جيڪو محبت متعلق ائين سوچيندو ھجي، جيئن اجھامي ويل شمع جھڙي شھر ۾ مرزا غالب سوچيندو ھو. ھو برسات واري ڏينھن يا چنڊ واري رات جو گلاس ۾ گل پريون اوتي گنگائيندو ھو:

”عشق مجھ کو نہیں وحشت ہی سہی​

میری وحشت تری شہرت ہی سہی​

ہم بھی دشمن تو نہیں ہیں اپنے​

غیر کو تجھ سے محبّت ہی سہی​

ہم بھی تسلیم کی خو ڈالیں گے​

بے نیازی تری عادت ہی سہی​

یار سے چھیڑ چلی جائے اسدؔ​

گر نہیں وصل تو حسرت ہی سہی​“

محبت جو عالمي ڏينھن محبت جي غير ميسر ھجڻ جي صورت ۾ ان حسرت جو ڏينھن آھي، جيڪا حسرت جي دل جي ديوار تي اھو مطالبو لکي ٿي وڃي ته ”محبت انسان جو بنيادي حق آھي“.