| عطاءُ الله عيسيٰ خيلوي پٽ سان گڏ“بيوفا” ڏئي ڇڏيو |
ميانوالي (ڪلچرل ڊيسڪ) ناليواري ڳائڻي سانول عيسيٰ خيلوي پنهنجي پيءُ عطاءُ الله عيسيٰ خيلوي سان گڏجي 70ع جي ڏهاڪي جو مشهور گيت “بيوفا” جاري ڪيو آهي. ليجنڊ عطاءُ الله عيسيٰ خيلوي ۽ سندس پٽ نئين سال تي موسيقي جي مداحن کي خوشگوار سرپرائيز ڏنو آهي، مشهور گيت بي وفا کي نئين انداز ۾ جاري ڪيو ويو آهي، ا نهي گيت جا ٻول اردو ۽ سرائيڪي ۾ آهن. هي گانو 70ع جي ڏهاڪي ۾ رليز ٿيو هو، جنهن کي عطاءُ الله عيسيٰ خيلوي جي سڃاڻپ سمجهيو ويندو آهي ان موقعي تي سانول عيسيٰ خيل چيو ته منهنجي لاءِ پنهنجي پيءُ سان گڏ هي گانو ڳائڻ اعزاز جي ڳالهه آهي. هي صرف هڪ گانو ناهي پر اسان جي موسيقي جو ورثو آهي. هي گانو نه رڳو پراڻن مداحن لاءِ هڪ تازگي بخش ياد آهي پر نئين نسل کي ڪلاسيڪل پاڪستاني موسيقي سان ڳنڍڻ جو هڪ خوبصورت موقعو پڻ آهي.