عطا تارڙ پاران اداڪار محمد احمد سان غلط ورتاءَ تي افسوس

عطا تارڙ پاران اداڪار محمد احمد سان غلط ورتاءَ تي افسوس

اسلام آباد (ڪلچرل ڊيسڪ) وزير اطلاعات عطا تارڙ سينئر اداڪار سيد محمد احمد سان جونيئر آرٽسٽ جي سلوڪ کي انتهائي افسوسناڪ قرار ڏئي ڇڏيو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته هڪ ڊراما سيريل جي سيٽ تي سينئر ٽي وي آرٽسٽ محمد احمد صاحب سان جو ڪجھه ٿيو، اهو نه صرف قابلِ مذمت آهي بلڪه انتهائي افسوسناڪ پڻ آهي. هن چيو ته: مان ان سلسلي ۾ هڪ حل تجويز ڪرڻ چاهيان ٿو، نوجوان ٽي وي فنڪارن لاءِ هڪ ‘مينٽرشپ پروگرام يا اهڙي ئي طرز جي ڪا ڪائونسل جوڙي وڃي جنهن جي سربراهي احمد صاحب جهڙا سينئر فنڪار ڪن. هن وڌيڪ لکيو ته هن معاملي تي تجويزون حاصل ڪرڻ لاءِ مان ٽي وي فنڪارن جو هڪ اجلاس به طلب ڪندس. واضح رهي ته جونيئر آرٽسٽ فھد شيخ پاران هڪ ڊرامي جي سيٽ تي سيد محمد احمد سان مذاق ڪيو هو جنهن تي معافي به ورتي هئي.