ٺٽو (رپورٽ:اسماعيل ميمڻ) سنڌ جي ڏاهي ۽ عوامي تحريڪ جي سربراھ رسول بخش پليجو جي ڳوٺ منگر خان پليجو ۾ سندس آخري آرامگاھ تي سنڌياڻي ثقافتي گروپ طرفان رسول بخش پليجي کي پريڊ وسيلي سلامي ڏني وئي
قومي ۽ انقلابي گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪري رسول بخش پليجي کي ثقافتي رنگن سان شاندار ڀيٽا پيش ڪئي وئي
ان موقعي تي پڻ عوامي تحريڪ جي قيادت طرفان پليجي صاحب جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ڀيٽا پيش ڪئي وئي جڏهن ته جلسي عام ۾ تبديل ٿي ويل ورسيءَ ۾ وڏي انگ ۾ عورتن، مردن، ٻارڙن، ٻڍڙن، نياڻين، شاگردن، مزدرون، هارين ،پورهيتن ۽ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي
ناليواري فنڪارا شيما ڪرماڻي پڻ رسول بخش پليجو جي ورسيءَ ۾ شرڪت ڪري پليجو کي شاندار لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي پنهنجي ٽيم سان گڏ پيش ڪيل ٽيبلو تي رقص ڪري جلسي عام ۾ شرڪت ڪندڙن کي جھومائي وڌو
ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار موجودھ ملڪي صورتحال تي “موجودھ ملڪي صورتحال جو ذميوار ڪير آھي جي عنوان سان” عوامي تحريڪ پاليسي بيان پڻ پڙھيو
ورسي جي جلسي عام ۾ سنڌ ۽ پاڪستان جي ناميارن سياستدانن، وڪيلن، صحافين ،ليکڪن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ ٻين رسول بخش پليجي جي شخصيت ۽ هن جي بيمثال جدوجھد تي سرخ سلام پيش ڪري پليجو جي ڏنل فڪر پليجو تي هلڻ جو عزم ورجايو
عوامي پورهيت تحريڪ پاران پڻ مڪلي ۾ عوامي تحريڪ جي سربراھ ۽ ڏاهي رسول بخش پليجو جي 5 هين ورسي جي تقريب منعقد ڪري پليجو کي سندس جدوجھد تي خراج تحسين پيش ڪري سرخ سلام پيش ڪيو
جڏهن ته ان موقعي تي عوامي پورهيت تحريڪ جي صدر جي اين کوسو ، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر ماروي پليجو، عطا محمد چانهيو ، پروين پليجو ، وڪيل گل بي بي شاھ ۽ ٻين خطاب ڪري پليجو کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي
سندن چوڻ هو ته رسول بخش پليجو ھڪڙي ھمه گير شخصيت جو مالڪ ھو. ھن انتھائي پٺتي پيل غريبن ۽ مسڪين ھارين سميت سنڌي سماج ۾ عورتن کي جانورن کان گھٽ سمجھڻ وارين عورت دشمن لاڙن، ريتن ۽ رسمن خلاف عورتن کي منظم ڪري قومي، طبقاتي ۽ جمھوري جدوجھدن ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪرايو
هنن چيو ته رسول بخش پليجو لطيف جو پارکو ھو جنھن لطيف جي شاعري جي نئين سر تشريح ڪري ٻڌايو ته لطيف پورھيتن، ھارين ۽ مظلومن جو انقلابي شاعر ھو. رسول بخش پليجو ھڪ ئي وقت ڪيترن ئي علمن تي دسترس رکندڙ ھو
ان موقعي ناليواري فنڪارا خوشبو لغاري ، مشهور سرندي نواز حسين ملاح ، فنڪار الهڏنو ۽ ٻين قومي گيت ڳائي هال ۾ ويٺلن کي پڻ جھومائي ڇڏيو