ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾سڄاڳ ٻار تحريڪ پاران معصوم عظيم ميڻڪ ۽ پريا ڪماري سميت ٻين جي بازيابي لاءِ مظاهرو ڪيو ويو
مصطفيٰ اوڳاھي، اختيار شيخ، ڪامران ڇڄڻ، علي رضا سھرياڻي، اڪرم سھرياڻي، شھزاد محمداڻي، بشرا سھرياڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو ويو.
اڳواڻن چيو ته ھٿ سان ضلعي جو امن خراب ڪيو ويو آھي ھتي ٻار عورتون ۽ بزرگ به محفوظ نه آھن.
هنن چيو ته معصوم عظيم ميڻڪ ۽ واجب گولو ڪيترن ئي ڏينھن کان ڌاڙيلن وٽ قيد آھن پر پوليس انهن کي بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام آهي.
اڳواڻن چيو ته سنڌ جي آءِ جي کي اپيل ٿا ڪريون ته ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل ٻارڙن سميت پريا ڪماري کي بازياب ڪرائڻ سان گڏ ٻارڙن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي.