علاءُ الدين جوڻيجو چوٽياريون ڀرسان زمين تي پهچي ويو، الزام رد، سانحي متاثرن جو احتجاج
مارچ 26, 2025
سانگهڙ/چوٽياريون (نمائندن وٽان) پ پ ايم اين اي علاءُ الدين جوڻيجو چيو آهي ته اسان جو ڪم ماڻهن کي مارڻ ناهي، چوٽياريون واقعي ۾ ملوث هجڻ جا الزام بي بنياد آهن، ڪالهه چوٽياريون ڀرسان زمين تي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي هن چيو ته منهنجو ٻن ٽن مهينن کان مال جي ڀيل تان مسئلو هلندڙ هو، پر اهو سڄي ڳوٺ سان نه هو، پر ٻن ٽن ماڻهن سان هو، جن جو مال هو، باقي سڄو ڳوٺ ان معاملي ۾ شامل نه هو، هن چيو ته منهنجي اوطاق تان ڳوٺاڻن طرفان ماڻهن کي ٻڌي کنيو ويو، منهنجا هاري پوليس جي حوالي ڪيا ويا، پر پوءِ الزام مون تي لڳايو ويو ته مون هٿياربند موڪليا هئا، هن چيو ته مون کي منهنجي فصلن ۾ ڪم ڪرڻ کان روڪيو پيو وڃي پر آئون پنهنجي ڪم کان پوئتي نه هٽندس، آئون وري به چوندس ته مون کي منهنجي زمين تي ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي، حقيقي جاچ ڪرائي وڃي ۽ جيڪي ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن، انهن مان ڪيترائي ته مون کي سڃاڻن به نه ٿا ۽ نه ئي آئون انهن کي سڃاڻا ٿو، هوڏانهن چوٽياريون سانحي ۾ شهيد ٿيندڙن جي وارثن، عورتن ۽ ٻارڙن سخت احتجاج ڪيو، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته جيڪو ماڻهو اسان جا نوجوان شهيد ڪرائڻ ۾ ملوث آهي، وري اهو ئي هٿياربند وٺي اسان جي ڳوٺ تي لامارا پيو ڏئي، اسان کي هراسان ڪيو پيو وڃي، پر اسين خاموش نه ويهنداسين، ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.