علم جا آزاد قلعا خطري ۾: جديد دور ۾ يونيورسٽين جو وجودي بحران

                 يونيورسٽيون صدين کان فڪر، شعور ۽ سماجي تبديلي جو اهم ترين مرڪز رهيون آهن، جتي علم پڙهائڻ، سوال ڪرڻ سيکارڻ، تحقيق ڪرڻ سان گڏ ماڻهن کي سماج جي اڳواڻي لاءِ تيار پڻ ڪيو ويندو هو. پر اڄ اهي يونيورسٽيون هڪ گهري بحران مان گذري رهيون آهن. مارڪيٽ جا سخت مطالبا، حڪومتن جا وڌندڙ ضابطا، مالي کوٽ ۽ تيز رفتار ٽيڪنالاجي جون تبديليون انهن جي روايتي فڪري آزادي ۽ خودمختيار حيثيت کي متاثر ڪري رهيون آهن. علم، جيڪو ڪڏهن يونيورسٽين جو مرڪزي قدر هو، هاڻي اڪثر هنڌن تي “وڪري لائق شيءِ” بڻجي رهيو آهي. اڄ يونيورسٽين کان هڪ ئي وقت روزگار فراهم ڪندڙ ادارو، قومي ترقي جو انجڻ، صنعت جون خادم، آن لائين پليٽ فارم ۽ جدت جو مرڪز بڻجڻ جي اميد رکي وڃي ٿي. اهڙين غير معمولي اميدن سبب يونيورسٽين جو بنيادي مشن، تنقيدي سوچ، اخلاقي تربيت ۽ آزاد تحقيق، خطري ۾ پئجي ويون آهن. ته ڇا ايندڙ وقت ۾ يونيورسٽيون مارڪيٽ ۽ اقتدار جي دٻاءَ هيٺ پنهنجو فڪري ڪردار بچائي سگهنديون يا اهي آهستي آهستي پنهنجي تاريخي سڃاڻپ وڃائي ويهنديون؟

يونيورسٽيون علمي آزادي جا مقدس مرڪز هونديون هيون، جتي تدريس ۽ تحقيق قدرتي طور ڳنڍيل هجن ۽ عالم بغير ڪنهن ٻاهرين دٻاءَ جي علم حاصل ڪن. پر هاڻي حالتون بدلجي ويون آهن. حڪومتون يونيورسٽين کان قومي معيشت، مارڪيٽ ضرورتن ۽ ترقياتي هدفن سان هم آهنگي جو مطالبو ڪن ٿيون، جڏهن ته صنعتون مختلف مهارتن سان ڀرپور گريجوئيٽن جي طلب ڪن ٿيون. اهو دٻاءُ علمي آزادي ۽ تنقيدي سوچ سان ٽڪراءُ ۾ اچي ٿو. ڪيترن مفڪرن موجب يونيورسٽيون مقصد جي بحران جو شڪار آهن. اڄ يونيورسٽين کان اعليٰ تحقيقي مرڪز هجڻ، قومي جدت جون انجڻون هجڻ، وڏي پيماني تي تعليم ڏيندڙ، انٽرپرينيوئرشپ جا مرڪز ۽ آن لائين تعليمي پليٽ فارم ٿيڻ جي اميد رکي وڃي ٿي. ڪردارن جي هن واڌ سبب يونيورسٽين جو بنيادي مقصد، تنقيدي سوچ، شهري شعور ۽ فڪري تجسس، افاديت پسند پاليسين جي ڇانوَ هيٺ دٻجڻ لڳو آهي.

مارڪيٽ جي بدلجندڙ گهرجن جو سڌو اثر نصاب تي پيو آهي. آٽوميشن، مصنوعي ذهانت، ڊيٽا اينالائيٽڪس ۽ اي ڪامرس جهڙين نين ٽيڪنالاجين سبب نوڪري ڏيندڙ ادارا لچڪ، ڊجيٽل صلاحيتن، مسئلا حل ڪرڻ ۽ رابطي جي مهارتن تي زور ڏين ٿا. ان جي نتيجي ۾ يونيورسٽين تي دٻاءُ آهي ته هو مهارتن تي ٻڌل پروگرام متعارف ڪرائن. ان عمل ۾ فلسفو، سماجيات، ادب ۽ خالص سائنس جهڙا روايتي مضمون آهستي آهستي پٺتي ڌڪجي رهيا آهن، جيتوڻيڪ اهي سماج جي ڊگهي مدي واري فڪري ۽ اخلاقي جوڙجڪ لاءِ انتهائي ضروري آهن. هڪ اهم تبديلي يونيورسٽين جو ڪاروباري انداز ۾ هلڻ به آهي. ڪيترن ملڪن ۾ سرڪاري مالي امداد ۾ گهٽتائي سبب يونيورسٽيون متبادل آمدنيءَ جا ذريعا ڳولهي رهيون آهن، جيئن سيلف فنانس پروگرام، بين الاقوامي شاگرد، صنعت سان ڀائيواريون ۽ تحقيق جو تجارتي استعمال. اهڙي رجحان سان استادن تي تحقيق کي “وڪري لائق” بڻائڻ ۽ گرانٽون حاصل ڪرڻ جو دٻاءُ وڌي ويو آهي، جنهن سان بنيادي علمي تحقيق متاثر ٿي رهي آهي. ان کام علاوه حڪومتون هينئر يونيورسٽين کي قومي ترقي جا اوزار سمجهن ٿيون. انهن کان ڪارآمد افرادي قوت، صنعتي جدت، معاشي مقابلي ۽ ٽيڪنالاجيڪي خودڪفالت لاءِ نتيجا گهرجن. ڪيترن ملڪن ۾ سرڪاري ادارا بجيٽن، مقررين، نصاب ۽ انتظامي معاملن تي سڌو ضابطو رکن ٿا، جنهن سبب يونيورسٽين جي خودمختياري ڪمزور ٿي رهي آهي. خودمختياري، جيڪا علمي آزادي، مالي اختيار ۽ آزاد حڪمراني تي ٻڌل هوندي هئي، هاڻي بيروڪريسي، سياسي مداخلت ۽ مالي دٻاءَ سبب محدود ٿي چڪي آهي. مالي بحران به اڄڪلهه يونيورسٽين جو سڀ کان وڏو مسئلو بڻجي چڪو آهي. وڌندڙ خرچن، شاگردن جي تعداد ۾ واڌ ۽ رياستي امداد ۾ گهٽتائي سبب ڪيترين يونيورسٽين کي سخت تنگيءَ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ڀرتين تي پابنديون، استادن جي کوٽ، زبون عمارتون، ناقص ليبارٽريون ۽ گهٽ وسيلن واريون لائبريريون عام مسئلا بڻجي ويا آهن. اهڙي صورتحال ۾ استادن کان گهٽ وسيلن سان وڌيڪ ڪم جي اميد رکي وڃي ٿي، جيڪا علمي معيار لاءِ خطرناڪ آهي. ان کان علاوه خانگي يونيورسٽين جو تيز اڀار به اهم مسئلو آهي. خانگي ادارا اڪثر بهتر سهولتن جي دعوا ڪندا آهن، پر ڪيترن وٽ مضبوط تحقيقي ماحول نه آهي ۽ نفعو سندن اوليت آهي. ٻئي طرف سرڪاري يونيورسٽيون برابري، رسائي ۽ سماجي انصاف لاءِ انتهائي اهم آهن، پر محدود بجيٽن سبب مقابلي ۾ پوئتي رهجي وڃن ٿيون. ان صورتحال اعليٰ تعليم جي معيار ۾ هڪ وڌندڙ وٿي پيدا ڪري ڇڏي آهي، جيڪا سماجي اڻبرابري کي وڌيڪ وڌائي سگهي ٿي.

ٽيڪنالاجيءَ جي تيز تر تبديلي يونيورسٽين جي ڪردار کي بنيادي طور بدلائي ڇڏيو آهي. ڪووڊ- 19 وبا آن لائين تعليم، هائبرڊ سکيا، ڊجيٽل جائزي ۽ ورچوئل تحقيقي سهڪار کي تيزي سان عام ڪري ڇڏيو. يونيورسٽين کي اوچتو پنهنجو تدريسي نظام ڊجيٽل بڻائڻو پيو، جنهن سان ٽيڪنالاجيءَ جون صلاحيتون به ظاهر ٿيون ۽ ان جون مشڪلاتون به سامهون آيون. آن لائين نظام لچڪ ۽ عالمي رسائي مهيا ڪري ٿو، پر اهو استاد ۽ شاگرد جي سڌي رابطي، سماجي سکيا، تنقيدي بحث ۽ ڪيمپس جي مڪمل تربيتي ماحول جو متبادل نٿو ٿي سگهي. تنهن هوندي به گهڻيون حڪومتون هاڻي يونيورسٽين کان مطالبو ڪن ٿيون ته هو مستقل بنيادن تي ڊجيٽل نظام اختيار ڪن، پر ان لاءِ جيڪا سيڙپڪاري گهرجي، اها مالي بحران جو شڪار ادارن لاءِ وڏي آزمائش آهي. اهڙيءَ طرح گلوبلائيزيشن، عالمي درجا بندين، سرحد پار تعليم ۽ گڏيل ڊگري پروگرامن يونيورسٽين جي سڃاڻپ ۽ مقابلي جي نوعيت کي مڪمل طور تبديل ڪري ڇڏيو آهي. درجا بنديون، جيتوڻيڪ متنازع آهن، پر فنڊنگ، شاگردن جي چونڊ ۽ قومي پاليسين تي اثرانداز ٿين ٿيون. تنقيد ڪندڙن جو خيال آهي ته اهي گهڻو ڪري مغربي معيارن کي ترجيح ڏين ٿيون ۽ ترقي پذير ملڪن جي سماجي ضرورتن ۽ وسيلن کي نظرانداز ڪن ٿيون، جنهن سبب اتي جي يونيورسٽين لاءِ عالمي مقابلو وڌيڪ ڏکيو بڻجي وڃي ٿو.

يونيورسٽين جو مستقبل ان ڳالهه سان جڙيل آهي ته اهي روايت ۽ تبديليءَ وچ ۾ ڪيترو توازن قائم ڪن ٿيون. انهن لاءِ ضروري آهي ته هو لبرل آرٽس، تنقيدي سوچ ۽ بنيادي سائنس کي محفوظ رکن، ڇو ته اهي سماجي فڪري ترقيءَ جي بنياد آهن. ساڳئي وقت کين جديد مارڪيٽ جي ضرورتن، ٽيڪنالاجي واڌارن ۽ علم جي نون روپن سان به هم آهنگ رهڻو پوندو. پائيدار مستقبل لاءِ اهڙو گڏيل ماڊل ضروري آهي، جيڪو فڪري گهراين ۽ مهارتي لچڪ ٻنهي کي اهميت ڏئي. پر اهڙي تبديلي يونيورسٽين جي خودمختياري کانسواءِ ممڪن ناهي. عالمي تجربي مان خبر پوي ٿي ته خودمختيار ادارا بهتر تحقيق پيدا ڪن ٿا، معياري استاد متوجه ڪن ٿا ۽ جدت کي هٿي ڏين ٿا. اسڪينڊنيويئن ملڪن، جرمني، جاپان ۽ ڏکڻ ڪوريا جون يونيورسٽيون خودمختياري ۽ مستحڪم فنڊنگ سبب ڊگهي مدي واري رٿابندي ڪرڻ جي قابل ٿيون آهن. البته خودمختياري سان گڏ جوابدهي به ضروري آهي ته جيئن عوامي وسيلن جو صحيح استعمال يقيني بڻائي سگهجي، پر حد کان وڌيڪ ضابطو تحقيقي آزادي کي نقصان پهچائي ٿو.

مالي بحران يونيورسٽين کي نون فنڊنگ ماڊلن ڏانهن ڌڪيو آهي. ماهر اهڙن گهڻ ذريعن وارن بجيٽن جي حمايت ڪن ٿا، جن ۾ سرڪاري سهارو، اينڊومينٽ، عطيا، صنعت سان ڀائيواريون، الومناءَ جي شموليت ۽ تحقيقي گرانٽ شامل هجن. پر ضروري آهي ته اهڙي فنڊنگ علمي آزادي کي نقصان نه پهچائي. جيڪڏهن تجارتي اثر حد کان وڌي وڃن ته يونيورسٽيون نفعي تي ٻڌل ادارن ۾ بدلجي وڃڻ جو خطرو رکن ٿيون ۽ پنهنجو فڪري مشن وڃائي ويهن ٿيون.

مصنوعي ذهانت، آٽوميشن، موسمي تبديلي ۽ آباديءَ جي ڍانچائي تبديلي جي پسمنظر ۾ يونيورسٽين کي پنهنجو ڪردار ٻيهر ترتيب ڏيڻو پوندو. انهن کي شاگردن کي رڳو فوري نوڪري لاءِ نه، پر سڄي زندگي لاءِ سکيا جي قابل بڻائڻو پوندو. مستقبل ۾ ماڻهو ڪيترائي ڀيرا پنهنجو ڪيريئر تبديل ڪندا، انڪري لچڪ، بين الضابطي سکيا ۽ مسئلا حل ڪرڻ جون صلاحيتون انتهائي اهم بڻجي ويون آهن. يونيورسٽين کي اخلاقي سوچ، شهري شعور ۽ عالمي مسئلن جي سمجهه به پيدا ڪرڻي پوندي، ڇاڪاڻ ته صرف فني تربيت وسيع سماجي قيادت پيدا نٿي ڪري سگهي.

يونيورسٽين جون سماجي ذميواريون به تيزي سان وڌي رهيون آهن. اڻ برابري، موسمي تبديلي، صنفي انصاف، عوامي صحت ۽ برادريءَ سان لاڳاپن جهڙن مسئلن ۾ کين اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوي ٿو. وبائن، معاشي لاهن چاڙهن ۽ سياسي عدم استحڪام جهڙن بحرانن ۾ يونيورسٽين کان فڪري رهنمائي جي اميد پڻ ڪئي وڃي ٿي. انهن جي تحقيق پاليسي سازن جي مدد ڪري ٿي ۽ عوامي بحث کي سائنسي بنيادن تي آڻي ٿي، پر جيڪڏهن خودمختياري متاثر ٿئي يا وسيلا محدود هجن ته اهي ذميواريون نڀائڻ ڏکيو ٿي پوندو. استادن جي فلاح و بهبود يونيورسٽي جي معيار جي ريڙهه آهي. ڪم جو وڌندڙ بار، عارضي نوڪريون، انتظامي دٻاءُ ۽ ڪارڪردگيءَ جا سخت مطالبا استاد کي ذهني طور ٿڪائي رهيا آهن. جڏهن استاد غير محفوظ محسوس ڪن ٿا ته تحقيق جي پيداوار، شاگردن جي سکيا ۽ اداري جي ساک سڀ وڌيڪ متاثر ٿين ٿا. ان لاءِ ضروري آهي ته استادن جي تربيت کي مضبوط ڪيو وڃي، منصفاڻي ترقين جا نظام قائم ڪيا وڃن ۽ غير ضروري بيروڪريسي گهٽائي وڃي.

اڄ جي حالتن جو سنجيده جائزي وٺڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته يونيورسٽيون رڳو مالي يا انتظامي بحران ۾ نه، پر هڪ گهري فڪري، اخلاقي ۽ ادارتي امتحان مان گذري رهيون آهن. جيڪڏهن اهي ادارا صرف مارڪيٽ جي ضرورتن، بيوروڪريسي جي حڪمن ۽ سياسي مداخلت جا تابع بڻجي ويا ته پوءِ اهي علم جا آزاد مرڪز نه، پر فني تربيت جا ڪارخانا بڻجي ويندا. اهڙي صورتحال ۾ علمي آزادي متاثر ٿيندي ۽ سماج باشعور اڳواڻن، تنقيدي ذهنن ۽ اخلاقي ڪردار کان محروم ٿي ويندو. ان لاءِ ضروري آهي ته هاڻي رڳو مسئلن جي نشاندهي نه، پر سنجيده ۽ ڊگهي مدي واريون پاليسيون اختيار ڪيون وڃن. حڪمرانن کي گهرجي ته بجيٽ، مقررين ۽ پاليسين ۾ غير ضروري مداخلت ختم ڪري، يونيورسٽين کي علمي بنيادن تي فيصلا ڪرڻ جو اختيار ڏين. خودمختياري سان گڏ مضبوط جوابدهيءَ جو نظام به هجي، جنهن ۾ شفاف آڊٽ، ڪارڪردگيءَ جو جائزو ۽ عوامي احتساب شامل هجي، پر اهڙو احتساب جيڪو علمي آزادي کي نقصان نه پهچائي. رياست کي اعليٰ تعليم کي خرچ نه، پر قومي سيڙپڪاري سمجهڻ گهرجي، ۽ بجيٽ سان گڏ اينڊومينٽ فنڊ، الومناءَ نيٽ ورڪ ۽ تحقيقي گرانٽن جا موثر نظام قائم ڪرڻ گهرجن.

مهارتن واري تعليم وقت جي ضرورت آهي، پر ان جي آڙ ۾ فلسفو، سماجيات، تاريخ، ادب ۽ بنيادي سائنس کي نظرانداز ڪرڻ قومي فڪري نقصان برابر آهي. نصاب ۾ ٽيڪنالاجي سان گڏ تنقيدي سوچ، اخلاقي قدر، سماجي شعور ۽ شهري ذميواري کي مرڪزيت ملڻ گهرجي، ته جيئن شاگرد رڳو “نوڪري لائق” نه، پر “سماج لائق” به بڻجن. ساڳئي وقت استادن کي عارضي معاهدن، غير يقيني مستقبل ۽ غير ضروري بيروڪريسي مان ڪڍي، منصفاڻي ترقين، مناسب پگهارن ۽ آزاد علمي ماحول ذريعي بااختيار بڻائڻ لازمي آهي.

آن لائين ۽ هائبرڊ تعليم کي روبرو سکيا جو متبادل نه، پر مددگار اوزار طور اختيار ڪيو وڃي. ڊجيٽل نظام لاءِ پاليسي سان گڏ عملي سيڙپڪاري، استاد جي تربيت ۽ شاگردن جي رسائي کي يقيني بڻايو وڃي. خانگي يونيورسٽين لاءِ مضبوط ريگيوليٽري نظام هئڻ گهرجي ته جيئن تعليم واپار نه، پر سماجي ذميواري رهي، ۽ ساڳئي وقت سرڪاري يونيورسٽين کي به وسيلن ۽ وقار سان مضبوط ڪيو وڃي.

آخر ۾ اهو سمجهڻ ضروري آهي ته يونيورسٽين جو مستقبل رڳو حڪمرانن جي هٿ ۾ ناهي، پر استادن، شاگردن، دانشورن ۽ سڄي سماج جي گڏيل شعور سان جڙيل آهي. جيڪڏهن اڄ سنجيده فيصلا نه ڪيا ويا ته يونيورسٽيون مارڪيٽ جا ادارا بڻجي وينديون، ۽ جيڪڏهن علم، خودمختياري ۽ آزادي جي حفاظت لاءِ گڏيل جدوجهد ڪئي ويئي ته اهي وري سماج لاءِ فڪر، تحقيق ۽ اڳواڻي جا زندهه مرڪز بڻجي سگهن ٿيون. تاريخ شاهد آهي ته قومون حقيقي طاقت يونيورسٽين مان حاصل ڪن ٿيون، نه ڪو رڳو دولت يا عمارتن مان. اڄ فيصلو ڪرڻ جو وقت آهي: يا ته اسين يونيورسٽين کي علم جا آزاد قلعا بڻائي ايندڙ نسلن کي شعور، مهارت ۽ اخلاق سان ليس ڪريون، يا کين مارڪيٽ جي رحم و ڪرم تي ڇڏي هڪ فڪري رڻ پٽ ٺاهيون. تاريخ گواهه آهي ته قومون تلوارن، دولت يا عمارتن سان نه، پر يونيورسٽين جي فڪري قوت سان زندهه رهنديون آهن.