علم سان بي انتها چاهه: معذور ٻار 6 ڪلوميٽر پنڌ پڙهڻ وڃي ٿو

علم سان بي انتها چاهه: معذور ٻار 6 ڪلوميٽر پنڌ پڙهڻ وڃي ٿو

ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ ڀرسان ڳوٺ ٻرڙا جو رھواسي ھڪ ٽنگ کان معذور چوٿين درجي جو شاگرد معشوق علي جتوئي روزانو پنھنجي ڳوٺ کان ٻيٽو جتوئي اسڪول تائين 6 ڪلو ميٽر پنڌ ڪري وڏي تڪليفن سان تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مجبور بڻيل آھي. شاگرد جي اھڙي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي،  معذور نوجوان ٻڌايو ته آئون ننڍڙو ھئس ته ٽرڪ جي ٽڪر سبب منھنجي ھڪ ٽنگ ڪٽجي وئي ھئي ان کان پوءِ آئون ھڪ ڄنگهه جي سھاري پنھنجا حوصلا بلند رکندي پھرئين درجي کان پنھنجي تعليم جاري رکي آھي، ھن چيو ته آئون چوٿون درجو پڙھي رھيو آھيان اسڪول توڙي ڳوٺ جا ٻارڙا به مونکي ٽوڪيندا آھن پر مان پنھنجي ھمت ۽ لگن سان پنھنجو تعليم طرف توجهه ڏئي روز ميھڙ نئون ڳوٺ ۽ ٻيٽو روڊ سان پيرين پنڌ اسڪول ايندو آھيان روڊ تي سواريون به ھلنديون آھن ۽ روڊ ايڪسيڊنٽ جو به خطرو ھوندو آھي پر ان باوجود به پنھنجا حوصلا بلند رھندا آھن.  ھن چيو ته منھنجا والدين مسڪين آھن ۽ مونکي اسڪول وڃڻ لاءِ ٻارڙن واري موٽرسائيڪل يا معذورن واري گاڏي جي ضرورت آھي. آئون سنڌ سرڪار ۽ سرندي وارن کي گذارش ڪيان ٿو ته مون مسڪين جي واھر ڪئي وڃي ۽ مونکي سھولت ڏني وڃي ته جئين آئون پنھنجي تعليم حاصل ڪري ڪنھن منزل تائين پھچي سگھان