علم ۽ عشق، انسان جي تاريخ جا ٻه اهڙا ازلي سرچشما آهن، جن مان شعور، تمدن ۽ فڪر جا سڀ درياھ وهندا رهن ٿا. جڏهن علم ۽ عشق هيڪڙائي اختيار ڪن ٿا، تڏهن فقط فڪر نه پر خدائي وجدان جنم وٺي ٿو، جيڪو دنيا کي نئين معنيٰ ۽ وجود ڏئي ٿو. علم عقل جو سفر آهي، جڏهن ته عشق دل جو سفر آهي ۽ انسان تڏهن مڪمل ٿئي ٿو، جڏهن اهي ٻئي سفر هڪ رستي تي گڏ ٿين ٿا.
1. وجدان: انسان جو پهريون علم:
سائنس، فلسفو ۽ سڀ علم انساني شعور جي ارتقائي مرحلن جو نتيجو آهن پر وجدان انهن سڀني کان اڳ موجود هو. جڏهن انسان اڃان ٻولي، رسم، يا لکڻ پڙهڻ تائين نه پهتو هو تڏهن به هو محسوس ڪري سگهندو هو، سوچيندو هو ۽ فطرت سان ڳالهيون ڪندو هو. اهو ئي وجدان هو، يعني اندروني شعور جو اهو پهريون آواز، جيڪو انسان کي پاڻ کان مٿانهون ٿيڻ سيکاري ٿو. وجدان، انسان جي فطرت ۾ پوکيل اهو الهامي آواز آهي، جنهن مان پوءِ عقل پيدا ٿيو، علم وڌيو ۽ آخرڪار سائنس جو بنياد پيو. جيئن آئنسٽائين چيو: “خيال حقيقت کان وڌيڪ سگهارو آهي، ڇاڪاڻ ته هر حقيقت خيال مان جنم وٺي ٿي”.
خيال ئي انسان جو پهريون تجربو آهي، هر سائنسي دريافت، هر ايجاد ۽ هر مذهب جو بنياد به خيال آهي. پر مارڪس هن فڪر کي مادي بنيادن ۾ سمجهائيندي چيو:
“It is not the consciousness of men that determines their existence, but their social existence that determines their consciousness.”
(يعني انسان جو شعور سندس وجود کي طئي نٿو ڪري، پر سندس سماجي وجود ئي سندس شعور کي طئي ڪري ٿو).
اهو قول ظاهر ڪري ٿو ته وجدان ۽ شعور به خالي خيال نه آهن، بلڪه مادي حالتن ۽ انساني محنت مان جنم وٺندڙ حقيقتون آهن.
2. مادو ۽ خيال: وجود جو دائرو:
انساني فڪر جو سڀ کان پراڻو سوال اهو رهيو آهي ته “پهرين مادو پيدا ٿيو يا خيال؟”
هيگل خيال کي اصل سمجهيو پر مارڪس ۽ اينجلس ان فڪر کي زمين تي آندو. اينجلس پنهنجي ڪتاب Dialectics of Nature ۾ لکي ٿو ته:
“Motion is the mode of existence of matter. Never anywhere has there been matter without motion, nor can there be.”
(تحرڪ مادي جو وجودي طريقو آهي، مادو بغير تحرڪ جي ڪڏهن به موجود نه رهيو آهي ۽ نه ئي رهي سگهي ٿو)
هي قول ثابت ڪري ٿو ته مادو ازلي ۽ خودمختيار آهي ۽ ان مان ئي خيال پيدا ٿئي ٿو. پر جڏهن خيال وري مادي کي بدلائڻ شروع ڪري ٿو، تڏهن خالق ۽ مخلوق جو جدلياتي سلسلو شروع ٿئي ٿو. يعني مادي مان شعور پيدا ٿئي ٿو ۽ شعور وري مادي جي صورت بدلائي ٿو.
3. عشق جي تخليقي طاقت:
عشق، علم جو اڻ ڏٺل روح آهي. علم عقل جو سفر آهي ۽ عشق دل جو سفر آهي. صوفي فڪر ۾ عشق کي خدا تائين رسڻ جو ذريعو چيو ويو آهي پر جدلياتي فڪر ۾ عشق کي تحرڪ ۽ تبديليءَ جي انساني قوت طور ڏٺو ويو آهي.
مارڪس پنهنجي Economic and Philosophic Manuscripts (1844) ۾ لکي ٿو:
“The forming of the five senses is a labor of the entire history of the world down to the present.”
(يعني انسان جا احساس به تاريخي محنت جو نتيجو آهن).
ان جو مطلب ته عشق، احساس ۽ وجدان انسان جي محنت، جدوجهد ۽ ارتقائي سفر جو حاصل آهن اهي آسمان مان ناهن لهندا پر انساني تجربي مان جنم وٺندا آهن. تصوف چوي ٿو ته عشق خدا سان ملائي ٿو، جڏهن ته مارڪس چوي ٿو ته عشق انسان کي انسان سان ملائي ٿو يعني انسان کي پنهنجي اجتماعي وجود سان هم آهنگ ڪري ٿو.
4. سائنس ۽ عشق جو ميلاپ:
سائنس جو مقصد دنيا کي سمجهڻ آهي، جڏهن ته عشق جو مقصد دنيا کي بدلائڻ آهي.
مارڪس جو مشهور قول آهي ته:
“The philosophers have only interpreted the world, in various ways; the point, however, is to change it.”
(فلسفين دنيا کي مختلف طريقن سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر اصل ڳالھ اها آهي ته دنيا کي بدلائجي).
هي قول علم ۽ عشق جي گڏيل فلسفي جو بنياد بڻجي ٿو، علم دنيا جي سڃاڻپ ڏئي ٿو، ۽ عشق ان کي بدلائڻ جي همت پيدا ڪري ٿو، جيڪڏهن علم رڳو مشاهدو ڪري پر عشق کان خالي هجي ته اهو بي روح علم آهي ۽ جيڪڏهن عشق بغير علم جي هجي ته اهو به رهنمائي جذبو هوندو، انڪري ٻنهي جي ميلاپ ۾ ئي تخليق، تحريڪ ۽ تبديليءَ جو سلسلو جاري رهي ٿو.
5. خالق ۽ مخلوق جو فلسفو:
جڏهن انسان ڌرتي، آسمان ۽ زندگيءَ جي وسعت ڏسي ٿو ته پاڻ کان سوال ڪري ٿو: “اهو سڀ ڪيئن پيدا ٿيو؟” اهو سوال ئي خيال کي جنم ڏئي ٿو ۽ خيال خالق جو تصور پيدا ڪري ٿو. مارڪس جي نظر ۾ مذهب به انساني خيال جي پيداوار آهي، جيڪو پنهنجي مادي تڪليفن جو عڪس آهي جيئن هن چيو:
“Religion is the sigh of the oppressed creature, the heart of a heartless world, and the soul of soulless conditions.”
(مذهب مظلوم انسان جي آهه آهي، بي دل دنيا جي دل آهي ۽ بي روح حالتن جو روح آهي).
يعني خالق جو تصور به انسان جي روحاني ضرورتن مان پيدا ٿيو، جيڪي سندس مادي زندگيءَ جي تڪليفن سان ڳنڍيل هيون. تنهن ڪري “خالق ۽ مخلوق جو ميلاپ ” اصل ۾ انسان ۽ ڪائنات جي وچ ۾ جاري شعوري گفتگو آهي، هڪ جدلياتي رشتو آهي جتي هر خيال پنهنجي مادي وجود سان بحث ڪندو رهي ٿو.
6. علم، عشق ۽ انسان جو انجام:
علم انسان کي طاقت ڏئي ٿو پر عشق کيس مقصد مهيا ٿو ڪري، علم بنا عشق عقل کي ته تيز ڪري ٿو پر انسانيت کي اڳتي نٿو وڌائي اهڙي طرح عشق بنا علم جذبو ته پيدا ڪري ٿو پر ڪا رهنمائي نٿو ڪري
اينجلس لکي ٿو:
“Freedom is the recognition of necessity.”
(آزادي ان ڳالهه جي سڃاڻپ آهي ته ڪهڙا قانون ضروري آهن.) يعني سچي آزادي علم ۽ شعور جي ذريعي حاصل ٿئي ٿي، پر ان جو روح عشق ۽ وجدان مان پيدا ٿئي ٿو جڏهن انسان انھن ٻنهي کي گڏ ڪري ٿو، تڏهن ئي هو ڌرتيءَ تي پنهنجي “خلافت” يا ذميواري سمجهي سگهي ٿو. هو علم سان ڄاڻ وڌائي ٿو ۽ عشق سان عمل ڪري ٿو، انهن ٻنهي جي وحدت سان ئي خوبصورتي جو جنم ٿئي ٿو).
علم ۽ عشق جي وحدت ۾ انساني ارتقا:
مادي دنيا انسان کي جنم ڏئي ٿي، انسان خيال پيدا ڪري ٿو، خيال علم کي منظم ڪري ٿو ۽ علم عشق سان گڏجي مادي دنيا کي بدلائي ٿو اهو ئي خيالي ۽ مادي تسلسل آهي جيڪو ڪائنات جو روح بڻجي هلندو رهي ٿو. مارڪسيت چوي ٿي ته تاريخ جدلياتي حرڪت آهي؛ تصوف چوي ٿو ته عشق ازلي تحريڪ آهي. حقيقت ۾ ٻئي ساڳي ڳالھ ٿا ڪن، صرف ٻولي مختلف آهي.
انسان جڏهن علم ۽ عشق کي هڪ ڪري ٿو تڏهن هو پاڻ کي فقط مخلوق نه پر تخليق جو تسلسل سمجهي ٿو، اهو ئي خدائي شعور آهي، جيڪو نه صرف فڪر کي روشن ڪري ٿو پر انسان کي دنيا بدلائڻ جي سگھ به ڏئي ٿو. علم ۽ عشق ٻنهي جي گڏجڻ سان ئي انسان خدائي شعور تائين پهچي ٿو. علم کيس سمجهائي ٿو ته دنيا ڪيئن هلندي آهي ۽ عشق کيس سيکاري ٿو ته دنيا ڇو هلندي آهي.
مارڪس جو خواب به اهوئي هو ته انسان پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجي دنيا کي شعوري طور بدلائي ۽ اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن علم جي شعور کي عشق جي حرارت سان ڳنڍيو وڃي ۽ شايد اها ئي اها حالت آهي جنهن کي صوفي پنهنجي ٻوليءَ ۾ “وحدت الوجود” ۽ مارڪسي پنهنجي ٻوليءَ ۾ “جدلياتي تحرڪ” چون ٿا، جتي علم، عشق، ۽ مادو هڪ ئي تسلسل ۾ ضم ٿي وڃن ٿا ۽ انسان خدائي ڪائنات جو شعوري عڪس بڻجي بيهي ٿو.