اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته صدر عارف علوي خلاف آئين ٽوڙڻ جا 2 ڪيس داخل ٿيندا
سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول چيو ته عارف علوي تي هڪ ڪيس بي اعتمادي رٿ جي موقعي تي اسيمبلي ٽوڙڻ ۽ ٻيو ڪيس چونڊن کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس نه سڏائڻ تي داخل ٿيندو
سندس چوڻ هو ته آصف زرداري ته اهو پيغام ڏنو آهي ته هو مفاهمت جو جيڪو عمل شروع ڪندو ان ۾ پي ٽي آءِ به شامل هوندي پر پي ٽي آءِ وارا پنهنجي غلطي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن
پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته غلطيون اسان کان به ٿينديون آهن پر سڀ کان وڌيڪ غلطيون اڊيالا جيل ۾ ويٺل شخص ڪيون آهن، پي ٽي آءِ وارا اڄ به نه آئين کي مڃين ٿا ۽ نه جمهوريت کي مڃين ٿا
بلاول چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جو جڊيشل ٽرائل نه پر عدالتي قتل ٿيو هو، مون، آصفه، فاطمه ۽ ذوالفقار جونيئر اڃا پنهنجو موقف پيش نه ڪيو آهي، اميد آهي ته شهيد ذوالفقار ڀٽو سان انصاف ڪيو ويندو