عليمه خان جا 26 نومبر احتجاج ڪيس ۾ ضمانتي مچلڪا ضبط

عليمه خان جا 26 نومبر احتجاج ڪيس ۾ ضمانتي مچلڪا ضبط

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عليمه خان 26 نومبر جي احتجاج واري ڪيس ۾ پيش نه ٿي سگهي. راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت عليمه خان جا 20 لک رپيا ضمانتي مچلڪا ضبط ڪري ورتا. عدالت ضمانت خارج ڪرڻ جو نوٽيس جاري ڪندي ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ پڻ جاري ڪري ڇڏيا. ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي مخالف عدالت جي جج امجد علي شاهه ڪئي. عليمه خان شاهدن جي طرفان لاڳو ڪيل عدالتي هرجاڻي جي رقم پڻ جمع ناهي ڪرائي. عدالتي حڪم جي تعميل نه ڪرڻ تي علميه خان جي توهين عدالت جو نوٽِس به جاري ڪيو ويو. عدالت عليمه خان جي ٻنهي ضامنن کي به نوٽيس جاري ڪندي ڪيس ٻڌڻي 15 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.