عليمه خان جو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ بينڪ اڪائونٽ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم

عليمه خان جو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ بينڪ اڪائونٽ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) 26 نومبر احتجاج ڪيس ۾ عليمه خان خلاف دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امجد علي شاهه ٻڌڻي ڪئي. جنهن دوران عليمه خان عدالت ۾ پيش نه ٿي. عليمه خان طرفان حاضري کان هڪ ڏينهن جي استثني لاءِ استدعا ڪئي، جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي. ٻڌڻي دوران عدالت حليمه خان جو قومي سڃاڻپ ڪارڊ ان بلاڪ ڪرڻ ۽ هڪ بئنڪ اڪائونٽ به ڊي فريز ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عليمه خان جي غير حاضري سبب استغاثه جي آخري شاهد تي وڪيل صفائي پاران جرح نه ٿي سگهي، جڏهن ته دفاعي وڪيل هن وقت تائين 17 شاهدن تي جرح مڪمل ڪري چڪو آهي. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 30 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.