اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن
راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ 9 مئي واقعن خلاف داخل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ، عدالت پاران علي امين گنڊاپور کي 2 اپريل تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
دهشتگردي ٽوڙ عدالت وڏي وزير جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ پڻ جاري ڪري ڇڏيا، علي امين گنڊا پوري جا گرفتاري وارنٽ 9 مئي واقعن جي ڪيس ۾ جاري ٿيا
راولپنڊي جي سٽي ٿاڻي تي علي امين گنڊاپور سوڌو ٻين خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو