علي امين گنڊاپور جي وڏي دعويٰ
جُون 9, 2025
پشاور (پنهنجي ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور دعويٰ ڪئي آهي ته صوبو پنهنجي آمدني مان وفاق کي قرض به ڏئي سگهي ٿو.
هڪ بيان ۾ علي امين گنڊاپور چيو ته وفاقي حڪومت افغانستان سان ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن، ۽ اسان چاهيون ٿا ته صوبائي جرڳي جي ميمبرن کي ان ۾ شامل ڪيو وڃي.
هن دعويٰ ڪئي ته خيبرپختونخواهه جي آمدني ۾ اضافو ٿيو آهي، ۽ هاڻي اسان وفاق کي قرض به ڏئي سگهون ٿا.