علي حسن زرداري جي 17سيڪنڊ  مختصر تقرير: نعرا هڻي ويهي رهيو

علي حسن زرداري جي 17سيڪنڊ  مختصر تقرير: نعرا هڻي ويهي رهيو

ڪراچي: نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن تي بحث، پيپلز پارٽي ميمبر ۽ صوبائي وزير علي حسن زرداري کي تقرير جو موقعو ملڻ دوران پيپلز پارٽي جي ميمبرن ڊيسڪو وڄائي استقبال ڪيو پر علي حسن زرداري 17 سيڪنڊن جي تقرير ۾ هڪ لفظ به ڳالهائڻ بجاءِ رڳو ڌرتي منهنجي ماءُ، جيئي ڀٽو ۽ شهيد راڻي چئي ويهي رهيو! ان حوالي سان ڪالهه اسيمبلي اجلاس ۾ نون صوبن ۽ نون انتظامي يونٽن جي حوالي سان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو پاران جيڪا التويٰ واري رٿ پيش ڪئي وئي هئي ان تي ڪالهه چوٿين ڏينهن به بحث ٿيو. صورتحال ان وقت دلچسپ ٿي وئي جڏهن اسپيڪر پاران پيپلز پارٽي جي ميمبر ۽ صوبائي وزير علي حسن زرداري کي تقرير لاءِ مائيڪ حوالي ڪئي ته پ پ ميمبرن ڊيسڪون وڄائي سندس استقبال ڪيو پر علي حسن زرداري ٻيو ڪجهه ڳالهائڻ بجاءِ صرف ”ڌرتيءَ ماءُ“ جيئي ڀٽو ۽ جيئي شهيد راڻي چئي واپس پنهنجي ڪُرسي تي ويهي رهيو.