علي زيدي به عمران سان گڏ نه بيهي سگهيو، وڳوڙن جي مذمت، سياست ڇڏڻ جو اعلان

مَي 27, 2023

ڪراچي ( پنهنجي ويب) اڳوڻو وفاقي وزير علي زيدي به عمران سان گڏ نه بيهي سگهيو، پي ٽي آءِ سنڌ جي صدارت تان استعيفيٰ ڏيڻ سان گڏ سياست به ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

علي زيدي جاري ڪيل وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته 9 مئي جا واقعا ڏکوئيندڙ هئا جنهن تي صدمو رسيو اهڙي ڪڌي حرڪت جي مذمت ڪريان ٿو

هي به پڙهندا

هن چيو ته مان سياست ڇڏڻ جو فيصلو ڪري رهيو آهيان جنهن سان منهنجي دل جهري پئي آهي، پي ٽي آءِ جي سنڌ جي صدر جي عهدي تان به استعيفيٰ ڏئي رهيو آهيان

علي زيدي چيو ته 9 مئي جا واقعا ڪنهن به ريت برداشت جوڳا نه آهن انهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي

Leave A Comment