علي زيدي جي ڇڏڻ کانپوءِ حليم عادل شيخ پي ٽي آءِ سنڌ جو صدر مقرر

جُون 2, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حليم عادل شيخ کي تحريڪ انصاف سنڌ جو صدر مقرر ڪيو ويو آهي،

تحريڪ انصاف جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل عمر ايوب پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي منظوري سان حليم عادل شيخ کي

تحريڪ انصاف سنڌ جو صدر مقرر ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته علي زيدي پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر واري عهدي تان استعيفا سان گڏ پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو هو.

Leave A Comment