علي زيدي سان غيرانساني ورتاءُ، جيل سپرينٽينڊنٽ عدالت طلب

مَي 19, 2023

جيڪب آباد( رپورٽر) تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر علي زيدي سان جيل اندر غيرانساني ورتاءُ تي جيڪب آباد جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي وئي

شهري محمد علي جتوئي وڪيل محمد نواز رند جي معرفت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالغفور ڪلهوڙو جي عدالت جيڪب آباد جيل جي انتظاميا خلاف درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته علي زيدي سان جيل ۾ ناروا سلوڪ ڪيو پيو وڃي، پي ٽي آءِ اڳواڻ کي پيئڻ جو پاڻي به نه پيو ڏنو وڃي، هن جي ملاقات تي به پابندي لڳائي وئي آهي

درخواست ۾  گذار اتدعا ڪئي آهي ته جيل سپرينٽينڊنٽ کي نوٽيس جاري ڪري عدالت گهرايو وڃي

درخواست گذار جي وڪيل ٻڌايو ته جيل انتظاميا پاران علي زيدي سان ناروا سلوڪ رکيو پيو وڃي پيئڻ جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي هن جي وڪيلن سان ملاقات به ملاقات نه پئي ڪرائي وڃي

محمد نواز رند چيو ته 22 اي بي درخواست داخل ڪرائي وئي آهي عدالت نوٽيس جاري ڪندي  سڀاڻي جيل سپرينٽينڊنٽ کي طلب ڪيو آهي

Leave A Comment