| علي ظفر پاران نئون نعتيه ڪلام “سوهنا نبي صه” جاري |
لاهور (ڪلچرل ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور ڳائڻي علي ظفر هڪ نئون نعتيه ڪلام ‘سوهنا نبي صه’ جاري ڪيو آهي. علي ظفر ‘سوهنا نبي’ ذريعي نبي ڪريم ﷺ سان پنهنجي عقيدت ۽ محبت جو اظهار ڪيو آهي. ڳائڻي پنهنجي سوشل اڪائونٽ انسٽاگرام تي نعتيه ڪلام جي وڊيو شيئر ڪئي. وڊيو جي ڪيپشن ۾ هن لکيو ته “سوهنا نبي” پياري پيغمبر حضرت محمد ﷺ جي محبت ۽ ياد ۾ هڪ عاجزانه نعت آهي. هن لکيو ته نبي ڪريم ﷺ جي زندگي ۽ پيغام اونداهين ۾ گھيريل دنيا تي روشني وجهي ٿو، اڄ به سندن مثال اسان کي ياد ڏياري ٿو ته ڪيئن انسانيت هڪٻئي لاءِ عزت، رحم ۽ شفقت سان رهي سگهي ٿي. ڳائڻي وڌيڪ لکيو ته هي سڀ کان خوبصورت تخليق لاءِ محبت ۽ عقيدت جو منهنجو ننڍڙو اظهار آهي.