علي لاريجاني جو قتل ناقابل قبول آهي: چين

علي لاريجاني جو قتل ناقابل قبول آهي: چين

بيجنگ (م ڊ) چين اسرائيل پاران ايران جي سيڪيورٽي چيف علي لاريجاني جي قتل کي ناقابل قبول قرار ڏيندي مذمت ڪئي آهي. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان لين جيان نيوز ڪانفرنس ۾ چيو تھ اسان هميشه بين الاقوامي لاڳاپن ۾ طاقت جي استعمال جي مخالفت ڪئي آهي. ايراني رياستي اڳواڻن کي مارڻ ۽ شهري هدفن تي حملو ڪرڻ جا عمل اڃا به وڌيڪ ناقابل قبول آهن.