| علي وزير جي آزاديءَ لاءِ درخواست تي ڪيس جو رڪارڊ طلب |
حيدرآباد(بيورو رپورٽ) خيبرپختونخواھ جي اڳوڻي ايم اين اي علي وزير جي آزادي لاء سنڌ ھاء ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ داخل درخواست تي ٻڌڻي عدالت خيبرپختونخواھ جي اڳوڻي ايم اين اي علي وزير بابت داخل ڪيسن جو سمورو رڪارڊ طلب ڪندي وفاقي گھرو وزارت ـ آء جي سنڌ ـ ايف آء اي جي عملدارن سميت سکر جيل جي سپريٽينڊنٽ کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آھي، سنڌ ھاء ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد جي جسٽس ارباب علي ھڪڙو ۽ جسٽس رياضت علي ساھڙ تي مشتمل ڊويزنل بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي سکر جيل ۾ قيد علي وزير پنهنجي وڪيل سينئر ايڊووڪيٽ امداد سولنگي معرفت درخواست داخل ڪرائي ھئي درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سياسي قيدي آھيان ـ منهنجي خلاف من گھڙت ڪيس داخل ڪيا ويا آھن منهنجي خلاف سنڌ جي عدالتن داخل ڪيل سمورا ڪيس ختم ڪري ڇڏيا آھن ڪيس ختم ٿيڻ باوجود مسلسل جيل ۾ قيد آھيان ـ جيل عملدار آزاد ڪرڻ لاء تيار ناھن عدالت درخواست تي ٻڌڻي ڪندي 15 جنوري تائين لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي رڪارڊ طلب ڪري ورتو آھي.