| علي وزير ضمانت بعد سکر سينٽرل جيل مان آزاد |
سکر (بيورو رپورٽ) اڳوڻو قومي اسيمبلي جو ميمبر ۽ پي ٽي ايم اڳواڻ علي وزير سکر سينٽرل جيل مان آزاد ٿي ويو. سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران سمورن ڪيسن ۾ ضمانت ملڻ بعد علي وزير کي آزاد ڪيو ويو، علي وزير کي آگسٽ 2024 ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. جنهن کي مختلف ڪيس ۽ ٿري ايم پي او آرڊر تحت پنجاب، سنڌ، اسلام آباد ۽ بلوچستان ۾ قيد ۾ رکيو ويو. سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد طرفان گذريل هفتي علي وزير جي ضمانت منظور ڪئي وئي.