علي گوهر مهر جي پ پ ۾ شموليت: اتحادين پاران نئون اتحاد ٺاهڻ جو فيصلو
نومبر 4, 2023
علي گوهر مهر جي پ پ ۾ شموليت بعد سندس اتحادين پاران نئون اتحاد ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي
ڀرچونڊي جي پير ميان مٺو جو چوڻ آهي ته علي گوهر مهر ڀلي پ پ ۾ وڃي پر مان پيپلز پارٽي ۾ نه ويندس
هن چيو ته علي گوهر مهر کان سياسي رستا ڌار ٿي چڪا آهن، نئون اتحاد ٺاهي اين اي 204 تي آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهندس
ذريعن موجب علي گوهر مهر جي پ پ ۾ وڃڻ بعد سندس اتحادي نادر اڪمل لغاري ۽ هالار پتافي به ٻڏتر جو شڪار آهن
ذريعن موجب ٻئي اڳواڻ به جلد پنهنجي سياسي مستقبل جو فيصلو ڪندا