علي گوهر مهر کي پ پ ۾ واپس آڻڻ لاءِ ڳالهيون شروع

جُولاءِ 5, 2023

سکر(بيورو رپورٽ) وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه ۽ علي گوهر مهر وچ ۾ اهم ملاقات خورشيد احمد شاھ جي سکر واري رهائش گاهه تي ٿي گذري

 ذريعن موجب خورشيد شاھ ۽ علي گوھر خان مھر وچ ۾ چئن  ڪلاڪن تائين ملاقات جاري رھي، جنهن ۾ ايندڙ عام چونڊن متعلق ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ ٿي

 ذريعن جو چوڻ آهي ته جي ڊي اي اڳواڻ علي گوهر خان مھر جي پ پ ۾ واپسي متعلق رڪاوٽن، مطالبن تي ٻنهي اڳواڻن ۾ بحث مباحثو ٿيو، ان سان گڏ پ پ ۾ واپسي لاءِ ڳالهيون ڪامياب نه ٿي جي صورت ۾ عام چوندن ۾ پنوعاقل جي صوبائي تڪ تي خورشيد شاهه کان حمايت وٺڻ توڙي قومي تڪ تي خورشيد شاهه جي حمايت ڪرڻ متعلق پڻ آپشن رکيو ويو

 ذريعن موجب سيد خورشيد شاهه ۽ جي ڊي اي اڳواڻ علي گوهر خان مھر وچ ۾ چئن ڪلاڪن تائين ملاقات جاري رھي

Leave A Comment